چين هڪ ٻيو اهم خلائي سنگ ميل حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب

بيجنگ (ويب ڊيسڪ)چين هڪ ٻيو خلائي سنگ ميل حاصل ڪيو آهي.زمين جي گهٽ مدار ۾ چيني خلائي اسٽيشن تيانگونگ تي خلابازن هڪ منفرد نئين طريقي سان راڪيٽ ايندھن پيدا ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.ان طريقي کي مصنوعي فتوسنٿيسس چيو ويندو آهي، جنهن ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ پاڻي کي سيمي ڪنڊڪٽر جي مدد سان آڪسيجن ۽ ايٿيلين ۾ تبديل ڪيو ويندو آهي، اهي ٻئي راڪيٽ فيول لاءِ اهم اجزا آهن.شينزو 19 مشن تي خلابازن خلائي اسٽيشن تي هن منفرد ٽيڪنڪ جو تجربو ڪيو.ان سان نه رڳو ٻارڻ پيدا ٿيو پر آڪسيجن حاصل ڪرڻ به ممڪن ٿيو، ۽ اهو چوڻ جي ضرورت ناهي ته هي گئس خلا ۾ مستحڪم زندگي لاءِ ضروري آهي. سائوٿ چائنا مارننگ پوسٽ جي هڪ رپورٽ موجب، هي ٽيڪنڪ بنيادي طور تي زميني ٻوٽن جي طريقي وانگر آهي. ٻوٽا سج جي روشني کي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ پاڻي کي آڪسيجن ۽ ٻين ضروري جزن ۾ تبديل ڪن ٿا.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هي نئون طريقو وڌيڪ توانائي بچائڻ ۾ مدد ڪندو ۽ موجوده طريقي جي ضرورت کي ختم ڪندو، جنهن ۾ پاڻي کي بجلي استعمال ڪندي آڪسيجن ۽ هائيڊروجن ۾ تبديل ڪيو ويندو آهي.موجوده طريقو تمام گهڻي توانائي جي ضرورت آهي ۽ ڊگهي مدي واري خلائي مشن لاءِ مثالي ناهي.رپورٽ ۾ چيني خلابازن جي تجربي جي تفصيل تي روشني نه پئي.جيڪڏهن هي نئين ٽيڪنالاجي وڏي پيماني تي استعمال ڪرڻ جي قابل ٿي وئي ته اها انسانن کي خلائي مشنن ۾ تمام گهڻي مدد ڪندي ڇاڪاڻ ته ان سان آڪسيجن ۽ ايندھن حاصل ڪرڻ آسان ٿي ويندو.چين 2035 تائين چنڊ جي ڏکڻ قطب تي هڪ بيس اسٽيشن ٺاهڻ جو منصوبو رکي ٿو، جيڪو هن نئين ٽيڪنالاجي مان تمام گهڻو فائدو حاصل ڪندو.ان کان علاوه، هي ٽيڪنالاجي مريخ يا ان کان ٻاهر مشنن لاءِ آڪسيجن ۽ ايندھن حاصل ڪرڻ ممڪن بڻائيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو