لاهور (ويب ڊيسڪ)فيفا ڪلب ورلڊ ڪپ ۾ پهرين ڀيرو ڪنهن پاڪستاني رانديگر جي شرڪت جي تصديق ڪئي وئي آهي.پاڪستاني فٽبالر حارث زيب نيوزي لينڊ جي ڪلب آڪلينڊ سٽي سان معاهدو ڪري ڇڏيو آهي.آڪلينڊ سٽي هن سال جي فيفا ڪلب ورلڊ ڪپ ۾ حصو وٺندو. آڪلينڊ سٽي اوشيانا چيمپئنز ليگ کٽي فيفا ڪلب ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو.آڪلينڊ جو مقابلو فيفا ڪلب ورلڊ ڪپ ۾ جرمن ڪلب بائرن ميونخ، ارجنٽائن ڪلب بوڪا جونيئرز ۽ پرتگالي ڪلب بينفيڪا سان ٿيندو.حارث زيب آڪلينڊ سٽي سان پري سيزن ٽريننگ شروع ڪري ڇڏي آهي.23 سالن جي حارث زيب کي 2023 جي چار ملڪي ٽورنامينٽ لاءِ پاڪستاني ٽيم ۾ سڏيو ويو هو. زخم جي ڪري، حارث زيب ماريشس ۾ ٿيندڙ ايونٽ ۾ کيڏڻ کان قاصر هو.2001 ۾ نيوزي لينڊ ۾ پيدا ٿيندڙ، حارث وٽ پاڪستان ۽ نيوزي لينڊ جي ٻٽي شهريت آهي. حارث زيب پنهنجي پاڪستاني شهريت جي بنياد تي پاڪستان فٽبال ٽيم جي نمائندگي ڪرڻ جو اهل آهي.نوجوان فٽبالر اڳ ۾ ئي پاڪستان فٽبال فيڊريشن کي پنهنجي دستيابي بابت آگاهه ڪري چڪو آهي.
پرنس ڪريم آغا خان لاڏاڻو ڪري ويو
راشد خان ٽي 20 ميچن ۾ وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ بالر بڻجي ويو
تڪراري واهه: آئيني ۽ سياسي آپشنز
سنڌيار ڪراچي 05 فيبروري 2025ع
سنڌيار سکر 05 فيبروري 2025ع
ملڪ جي خودمختياري ۽ سالميت جي دفاع لاءِ تيار آهيون
50 هزار نون اهلڪارن کي ڀرتي ڪرڻ جو ارادو آهي،لنجار
ٺل ڀرسان پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، نوجوان مارجي ويو
وفاقي وزيرن جي پگهارن ۾ به وڏي واڌ جو امڪان، سمري تيار
مولانا سان عباسي جي ملاقات،سياسي صورتحال تي ڳالهيون
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نون ججن جي اچڻ کانپوءِ وڏي پئماني تي انتظامي ڦيرڦار
وزيراعظم جو يوٽيليٽي اسٽورز کانسواءِ رمضان پئڪيج آڻڻ جو اعلان
عمران خان جي خط جو رسپانس ملي ٿو ته اسان ان جي آجيان ڪنداسين
پيڪا ايڪٽ ۾ ترميمون سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج
عمران خان طرفان آرمي چيف کي لکيل خط اڃا تائين کيس ناهي مليو
حڪومت جو 5 فيبروري تي عام موڪل جو اعلان
فاطمه ڦرڙو جي وارثن جوابدار ڌر سان ٺاهه ڪري ڇڏيو
پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪندڙ والدين خلاف ڪارروائي جو فيصلو
سنڌ سرڪار طرفان وڌيڪ اگهه وٺندڙن خلاف الڳ ٿاڻا قائم ڪرڻ جو فيصلو
بحريا ٽائون کي غيرقانوني زمين الاٽ ڪرڻ واري ڪيس ۾ جاري نوٽيس معطل