اسلام آباد(بيورو رپورٽ) مهانگائي ٻن ورهين جي گهٽ ترين سطح تي اچي وئي، شماريات کاتي طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جنوري ۾ سالياني بنيادن تي مهانگائي ۾ اضافي جي رفتار 2 ڏهائي 4 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، جيڪا ڊسمبر 2024ع ۾ 4 ڏهائي هڪ سيڪڙو هئي، . شماريات کاتي طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب ماهوار بنيادن تي جنوري ۾ مهانگائي ٻڙي ڏهائي 2 سيڪڙو وڌي، جيڪي گذريل مهيني جي ڀيٽ ۾ ٻڙي ڏهائي هڪ سيڙو اضافي ۽ جنوري 2024ع ۾ هڪ ڏهائي 8 سيڪڙو جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي. بروڪريج فرم ٽاپ لائن سڪيورٽيز موجب مالي سال 2025ع جي پهرين ستن مهينن ۾ مهانگائي 6 ڏهائي 5 سيڪڙو رهي، جيڪا گذريل مالي سال جي ان عرصي ۾ 28 ڏهائي 73 سيڪڙو هئي. شماريات کاتي موجب سالياني بنيادن مهانگائي 2 ڏهائي 7 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، جيڪا ڊسمبر ۾ 4 ڏهائي 4 سيڪڙو ۽ هڪ سال اڳ 30 ڏهائي 2 سيڪڙو هئي. انکن اگرن موجب ماهوار بنيادن تي شهري علائقن ۾ مهانگائي ٻڙي ڏهائي 2 سيڪڙو وڌي، جڏهن ته ٻهراڙين ۾ هڪ ڏهائي 9 سيڪڙو ٿي وئي آهي. شماريات کاتي موجب هول سيل پرائز انڊيڪس جي مهانگائي به جنوري ۾ گهٽ ٿي ٻڙي ڏهائي 6 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، جيڪا گذريل سال جي ان مهيني ۾ 27 سيڪڙو هئي.
ملڪ جي خودمختياري ۽ سالميت جي دفاع لاءِ تيار آهيون
50 هزار نون اهلڪارن کي ڀرتي ڪرڻ جو ارادو آهي،لنجار
ٺل ڀرسان پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، نوجوان مارجي ويو
وفاقي وزيرن جي پگهارن ۾ به وڏي واڌ جو امڪان، سمري تيار
مولانا سان عباسي جي ملاقات،سياسي صورتحال تي ڳالهيون
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نون ججن جي اچڻ کانپوءِ وڏي پئماني تي انتظامي ڦيرڦار
وزيراعظم جو يوٽيليٽي اسٽورز کانسواءِ رمضان پئڪيج آڻڻ جو اعلان
عمران خان جي خط جو رسپانس ملي ٿو ته اسان ان جي آجيان ڪنداسين
پيڪا ايڪٽ ۾ ترميمون سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج
عمران خان طرفان آرمي چيف کي لکيل خط اڃا تائين کيس ناهي مليو
حڪومت جو 5 فيبروري تي عام موڪل جو اعلان
فاطمه ڦرڙو جي وارثن جوابدار ڌر سان ٺاهه ڪري ڇڏيو
پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪندڙ والدين خلاف ڪارروائي جو فيصلو
سنڌ سرڪار طرفان وڌيڪ اگهه وٺندڙن خلاف الڳ ٿاڻا قائم ڪرڻ جو فيصلو
بحريا ٽائون کي غيرقانوني زمين الاٽ ڪرڻ واري ڪيس ۾ جاري نوٽيس معطل
شاهپورچاڪر ,بٺي تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڀاءُ قتل
آرمي ايڪٽ موجب فوجي عدالتن جا اختيار ڪهڙا آهن؟
ٻيڙي حادثي ۾ مليل 13 لاشن جي سڃاڻپ، پاڪستاني نڪتا
آرمي چيف کي لکيل باني جي خط جو جواب ڏسنداسين: علي امين
گذريل 12 مهينن ۾ ملڪي معيشيت مستحڪم ٿي آهي: محمد اورنگزيب