فاطمه ڦرڙو جي وارثن جوابدار ڌر سان ٺاهه ڪري ڇڏيو

خيرپور(ن س)فاطمه ڦرڙو جي وارثن جوابدار ڌر سان ٺاهه ڪري ڇڏيو آهي، وارثن عدالت کي جوابدارن سان ٺاهه بابت لکت ۾ آگاهه ڪري ڇڏيو. خيرپور ۾ فورٿ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران فاطمه ڦرڙو جي ماءُ شبنم ڦرڙو عداتل کي جوابدارن سان ٺاهه ڪرڻ ۽ ضمانت ڏيڻ لاءِ لکت ۾ آگاهه ڪري ڇڏيو. ٻڌڻي بعد جوابدار ڌر جي وڪيل ايڊووڪيٽ قربان ملاڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته فريادڻ شبنم ڦرڙو عدالت ۾ لکت ذريعي ٺاهه ڪيو آهي، ايندڙ ٻڌڻي 7 جنوري تي ٿيندي، جنهن ۾ جوابدارن جي ضمانت ٿي ويندي

پهنجو تبصرو موڪليو