پيڪا ايڪٽ ۾ ترميمون سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيڪا ايڪٽ ترميمن کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي. پيڪا ايڪٽ ترميمن خلاف شهري قيوم خان طرفان درخواست داخل ڪئي وئي آهي.درخواست ۾ پيڪا ايڪٽ ۾ ڪيل ترميمون ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي. درخواست ۾ پيڪا ترميمن خلاف ٻڌڻي لاءِ فل ڪورٽ جوڙڻ جي به استدعا ڪئي وئي آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته پيڪا ايڪٽ ۾ ترميمون بنيادي حقن جي خلاف آهن، پارليامينٽ کي اختيار ناهي ته بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي ڪري سگهي. درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته فل ڪورٽ نه رڳو ترميمن پر اصل پيڪا ايڪٽ جو به بنيادي حقن جي تناظر ۾ جائزو وٺي.

پهنجو تبصرو موڪليو