اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته جيڪڏهن عمران خان جي خط جو رسپانس ملي ٿو ته اسان ان جي آجيان ڪنداسين. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو ته عمران خان ٻڌايو ته هن آرمي چيف کي خط لکيو آهي، جڏهن ته مان اڃا تائين پي ٽي آءِ باني جو اِهو خط پڙهيو يا ڏٺو ناهي.پي ٽي آءِ چيئرمين موجب، عمران خان خط جو متن پاڻ پڙهي ٻڌايو ۽ چيو ته فوج جون وڏيون قربانيون آهن، فوج طرفان خط تي رسپانس اچي ٿو ته اسان آجيان ڪنداسين. فوجي قيادت سان رابطي واري سوال تي بئريسٽر گوهر جو چوڻ هو ته هڪ گڏجاڻي ٿي هئي جنهن ۾ امن امان بابت ڳالهه ٻولهه ٿي هئي، ان کانسواءِ ٻي ڪا به ميٽنگ ناهي ٿي. واضح رهي ته عمران خان گذريل ڏينهن آرمي چيف کي خط لکيو هو جڏهن ته هو ان کان اڳ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي به خط لکي چڪو آهي.
سنڌيار ڪراچي 05 فيبروري 2025ع
سنڌيار سکر 05 فيبروري 2025ع
ملڪ جي خودمختياري ۽ سالميت جي دفاع لاءِ تيار آهيون
50 هزار نون اهلڪارن کي ڀرتي ڪرڻ جو ارادو آهي،لنجار
ٺل ڀرسان پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، نوجوان مارجي ويو
وفاقي وزيرن جي پگهارن ۾ به وڏي واڌ جو امڪان، سمري تيار
مولانا سان عباسي جي ملاقات،سياسي صورتحال تي ڳالهيون
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نون ججن جي اچڻ کانپوءِ وڏي پئماني تي انتظامي ڦيرڦار
وزيراعظم جو يوٽيليٽي اسٽورز کانسواءِ رمضان پئڪيج آڻڻ جو اعلان
عمران خان جي خط جو رسپانس ملي ٿو ته اسان ان جي آجيان ڪنداسين
پيڪا ايڪٽ ۾ ترميمون سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج
عمران خان طرفان آرمي چيف کي لکيل خط اڃا تائين کيس ناهي مليو
حڪومت جو 5 فيبروري تي عام موڪل جو اعلان
فاطمه ڦرڙو جي وارثن جوابدار ڌر سان ٺاهه ڪري ڇڏيو
پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪندڙ والدين خلاف ڪارروائي جو فيصلو
سنڌ سرڪار طرفان وڌيڪ اگهه وٺندڙن خلاف الڳ ٿاڻا قائم ڪرڻ جو فيصلو
بحريا ٽائون کي غيرقانوني زمين الاٽ ڪرڻ واري ڪيس ۾ جاري نوٽيس معطل
شاهپورچاڪر ,بٺي تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڀاءُ قتل
آرمي ايڪٽ موجب فوجي عدالتن جا اختيار ڪهڙا آهن؟
ٻيڙي حادثي ۾ مليل 13 لاشن جي سڃاڻپ، پاڪستاني نڪتا