وفاقي وزيرن جي پگهارن ۾ به وڏي واڌ جو امڪان، سمري تيار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پارليامينٽرينز کانپوءِ وفاقي وزيرن جي پگهارن ۾ وڏي واڌ جو امڪان آهي جنهن جي سمري پڻ تيار ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب، وفاقي وزير ۽ مملڪتي وزيرن جي الائونس ۽ پگهارن جي ايڪٽ 1975ع ۾ ترميم جو فيصلو ڪيو ويو آهي، 1975ع جي ايڪٽ جي شق ٽي ۾ ترميم ڪئي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته شق ٽي وزيرن جي پگهارن بابت آهي، پگهارن ۾ واڌ جي سمري جو هاڻي سرڪوليشن ذريعي منظوري جو امڪان آهي. هن وقت وفاقي وزير جي پگهار ٻه لک ۽ مملڪتي وزير جي پگهار هڪ لک اسي هزار جڏهن ته وزيرن جي الائونس، گاڏي، آفيس وغيرا جو خرچ پگهارن کان علاوه آهي. ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ترميم کانپوءِ وزيرن جي پگهارن ۾ وڏي واڌ جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو