تڪراري واهه: آئيني ۽ سياسي آپشنز

نصير ميمڻ
چولستان، چوبارا ۽ ٻين واهن جي حوالي سان سنڌ ۾ هڪ ڀرپور عوامي هلچل هلندڙ آهي. سڄيءَ سنڌ جي هڪ راءِ آهي ته اهي ٻه واهه سنڌ لاءِ ڪالاباغ ڊيم جيترا ئي هاڃيڪار آهن. سنڌ ۾ ڪو ڏهاڙو احتجاجي مارچن، جلسن يا سيمينارن کان خالي نه ٿو گذري. سنڌ جي سمورن احتجاجن ۽ اعتراضن جي باوجود وفاقي حڪومت 21 آڪٽوبر 2024ع تي سينٽرل ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽيءَ CDWP) ) مان ان رٿا کي منظور ڪرائي ايڪنيڪ ڏانهن منظوريءَ لاءِ اماڻي ڇڏيو. سنڌ سرڪار گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي چولستان رٿا خلاف 15 نومبر 2024ع تي ۽ 25 نومبر 2024ع تي اعتراضن تي ٻڌل سمريون موڪلي چڪي آهي. گريٽر ٿل ڪئنال فيز-2 يعني چوبارا ڪئنال بابت ان کان اڳ سنڌ سرڪار 12-اپريل 2024ع تي جهلم درياهه مان ڪڍيل جلال پور واهه خلاف به اعتراضن واري سمري اماڻي چڪي آهي. آئين موجب گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي هر ٽئين مهيني اجلاس ڪرڻو آهي. البته آئين جي ڀڃڪڙي ڪندي گذريل هڪ سال کان ڪائونسل جو اجلاس ناهي ڪوٺايو ويو. ڪائونسل جو گذريل اجلاس 29 جنوري 2024ع تي ٿيو هو.
ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ سنڌي اخبار رپورٽ ڪيو ته واپڊا چيئرمين پارلياماني ڪميٽيءَ اڳيان انڪشاف ڪيو آهي ته تڪراري واهن جي منظوري گڏيل مفادن واري ڪائونسل ڏئي چڪي آهي. ياد رهي ته گذريل هڪ سال کان ڪائونسل جو اجلاس ٿيو ئي ناهي ته چولستان ۽ چوبارا واهه جي منظوري ڪيئن ٿي هوندي؟ جيڪي بحث هيٺ ئي گذريل سال جولاءِ کان پوءِ آيا آهن. در حقيقت سي سي آءِ جي ڪنهن به اجلاس ۾ اهي واهه بحث هيٺ ناهن آيا، تنهنڪري جيڪڏهن واپڊا چيئرمين اهڙو بيان به ڏنو آهي ته اهو نسورو ڪوڙ آهي.
جڏهن انهن واهن تي سنڌ حڪومت ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ ۾ اعتراض واري چڪي آهي ته اصولي طور سي ڊي ڊبليو پي يا ايڪنيڪ کي اهڙي رٿا جي منظوري ڏيڻ جو اختيار ناهي. ڪائونسل جيئن ته هڪ آئيني ادارو آهي، تنهنڪري اتي موڪليل اعتراض نبيرڻ کان سواءِ ڪنهن به تڪراري رٿا تي ڪم شروع ڪرڻ ته پري، ان جي ڪنهن فورم تان منظوري به نه ٿي ڏئي سگهجي.
28هين جنوري 2025ع تي انگريزي اخبار دي نيشن خبر ڇاپي آهي ته نواز ليگ حڪومت چولستان ڪئنال وارو معاملو سي سي آءِ ۾ آڻڻ جا سانباها ڪري رهي آهي. آئين موجب پاڻي، ڪابينا جو نه پر گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اسم آهي. آئين جو آرٽيڪل 155 ٻڌائي ٿو ته پاڻيءَ بابت صوبن جي اعتراضن نبيرڻ لاءِ فورم گڏيل مفادن واري ڪائونسل آهي. اهو اعتراض ڪنهن قانون سازي يا حڪمنامي بابت به ٿي سگهي ٿو. آئين جي ان شق موجب ڪائونسل اهڙي شڪايت ملڻ تي فيصلو ڪري سگهي ٿي يا صدر کي ان ڏس ۾ درخواست ڪري سگهي ٿي ته هو اهڙن ماهرن جي ڪميشن جوڙي، جن کي آبپاشي، انجنيئرنگ، انتظامڪاري، ناڻي يا قانون بابت گهربل ڄاڻ ۽ تجربو هجي. آئين جي آرٽيڪل (7) 154 ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪابه صوبائي يا وفاقي سرڪار ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ جي ڪنهن فيصلي مان غير مطمئن هجي ته اها ان معاملي کي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ڏانهن اماڻي سگهي ٿي، جنهن جو فيصلو آخري هوندو.
هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن چولستان ۽ چوبارا واهه وارا معاملا گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ کنيا ويندا ته اتان سنڌ کي ڇا هڙ حاصل ٿيندو؟ ياد رهي ته ڪائونسل ۾ فيصلا گڏيل راءِ سان نه پر گهڻائيءَ جي راءِ هيٺ ڪيا ويندا آهن، اهم سوال اهو آهي ته ڇا ڪائونسل جي هاڻوڪي جوڙجڪ ۾ سنڌ جي حق ۾ فيصلو اچڻ جو امڪان آهي؟ آئين جي آرٽيڪل 153 ۾ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي جوڙجڪ هن ريت ڄاڻائي وئي آهي. وزير اعظم (ڪائونسل جو چيئرمين)، سمورن صوبن جا وڏا وزير ۽ وفاقي سرڪار جا ٽي عيوضي جن کي وزير اعظم مقرر ڪندو.
هن وقت گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي ميمبرن ۾ وزير اعظم شهباز شريف، چار وڏا وزير، پرڏيهي وزير ۽ نائب وزير اعظم اسحاق ڊار، بچاءَ وارو وزير خواجا آصف ۽ مملڪتي وزير امير مقام ميمبر آهن. ان حساب سان ڏسجي ته اٺن مان چئن ميمبرن جو تعلق پنجاب صوبي سان آهي. امير مقام (جيڪو خيبر پختونخواهه) مان آهي، ان سميت پنجن ميمبرن جو تعلق مسلم ليگ نواز سان آهي. ائين سمجهو ته هاڻوڪي جوڙ جڪ ۾ ڪائونسل اندر پنجاب صوبي ۽ نواز ليگ جي گهڻائي آهي.
ڪائونسل جي قاعدن ۽ ضابطن واري دستاويز جي شق (10) 5 موجب ڪائونسل ۾ فيصلا اڪثريتي راءِ هيٺ ڪيا ويندا. ڪائونسل جي ان جوڙ جڪ مان لڳي ٿو ته جڏهن سنڌ جا چولستان ۽ چوبارا ڪئنال بابت اعتراض اتي پيش ٿيندا ته اڪثريتي راءِ سنڌ جي حق ۾ نه اچي سگهندي. هن وقت سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پيپلز پارٽيءَ جا وڏا وزير آهن ۽ خيبر پختونخواهه ۾ حڪومت مخالف پارٽي پي ٽي آءِ جو وڏو وزير آهي. باقي پنج ئي ميمبر سرڪار يعني نواز ليگ جا حامي آهن، جن مان چئن جو تعلق ته سڌو سنئون پنجاب صوبي سان آهي. جيڪڏهن فرض ڪيون ته بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه سنڌ جي پاسي بيهن، تڏهن به سنڌ کي اڪثريتي حمايت ملي نه سگهندي. ان صورتحال ۾ انديشو آهي ته ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ ۾ سنڌ کي رليف نه ملي سگهندو. ماضيءَ ۾ به گريٽر ٿل ڪئنال جي اين او سي خلاف سي سي آءِ ۾ سنڌ جي اعتراضن کي اڪثريت سان رد ڪيو ويو هو. ساڳيءَ طرح ارسا پاران چولستان واهه لاءِ پاڻي موجود هجڻ جي سرٽيفڪيٽ جي مخالفت وقت به سنڌ جي خلاف ووٽ ڏنا ويا هئا.
ان صورتحال ۾ سنڌ سرڪار وٽ هڪ آپشن بچندو ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اهو معاملو کڻي وڃي. فرض ڪريو ته ائين ٿئي ٿو، تڏهن به پارليامينٽ ۾ اڪيلي پنجاب جون سيٽون ٻين سمورن صوبن جي سمورن ميمبرن کان وڌيڪ آهن. البته پنجان ۾ به هڪ مخالف ڌر موجود آهي، جيڪا شايد سنڌ جو ساٿ ڏئي. پر ان هوندي به سنڌ 4 جي حمايت ۾ اڪثريتي ووٽ جو آسرو گهٽ آهي. دراصل سي سي آءِ ۽ پارليامينٽ ۾ فيصلا فني بنيادن واري ميرٽ تي نه پر نج سياسي بنيادن تي ڪيا ويندا آهن. وفاقي حڪومت ۾ پيپلز پارٽي هڪ اهم اتحادي آهي. هن وقت وفاقي حڪومت پيپلز پارٽيءَ جي بيساکين تي بيٺل آهي. سوال اهو آهي ته ڇا پيپلز پارٽي سنڌ جي جياپي سان لاڳاپيل هن انتهائي حساس معاملي تي ڪو مضبوط موقف اختيار ڪندي اها پوزيشن وٺندي ته جيڪڏهن سرڪار ان هوڏ تان نه ٿي لهي ته پوءِ اها حڪومت کان الڳ ٿي ويندي؟
اهو مرحلو خود پيپلز پارٽيءَ جي پارٽي پوزيشن کي چٽو ڪندو. هن وقت پارٽيءَ جو اهم سربراهه آصف علي زرداري، ملڪ جي صدر طور اسٽريٽيجڪ ڪئنالن تي جلد عمل ڪرائڻ جون هدايتون جاري ڪري چڪو آهي، جڏهن ته پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ سنڌ سرڪار ان رٿا جي خلاف ڳالهائيندا رهن ٿا. سنڌ حڪومت ته باقاعدي گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ انهن رٿائن خلاف درخواست داخل ڪري چڪي آهي. درحقيقت رٿا کي وقتي طور ٽارڻ يا اينگهائڻ بجاءِ مستقل طور رد ڪرائڻ جي ضرورت آهي، نه ته اها تلوار جيان سنڌ مٿان ٽنگيل رهندي.
سنڌ حڪومت کي رڳو آئيني ۽ انتظامي طريقا نه پر سياسي طريقا به استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي. مثال طور هينئر تائين سنڌ حڪومت ان اهم معاملي تي سنڌ اسيمبليءَ ۾ ٺهراءُ به پاس ناهي ڪيو. جيتوڻيڪ اسيمليءَ جو ٺهراءُ آئيني طور فيصلي تي اثر انداز نه ٿو ٿي سگهي، پر سياسي طور اهو نهايت اهم هٿيار هوندو آهي. هن وقت ٻن صوبائي اسيمبلين ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت آهي، جتان انهن رٿائن خلاف ٺهراءَ منظور ڪرائڻ سان نواز ليگ حڪومت مٿان سياسي دٻاءُ ضرور پوندو ۽ ان لاءِ ان رٿا بابت اڳتي وڌڻ جو فيصلو ڪرڻ سولو نه ٿيندو.
پيپلز پارٽيءَ کي سمجهڻ گهرجي ته سندس اسٽيبلشمينٽ سان دوستيءَ جي ڄمار ڪيتري ڊگهي هوندي، اهو پتو ناهي، اسٽيبلشمينٽ پيپلز پارٽيءَ کي اهميت به ان ڪري ٿي ڏئي جو سنڌ ۾ ان کي ووٽن جي حمايت حاصل آهي. پيپلز پارٽي سنڌ ۾ سياسي طور جيتري غير مقبول ٿيندي، اسٽيبلشمينٽ به کيس ان حساب سان گهٽ لفٽ ڏيندي. اقتدار جي ان تخت گاهه ۾ رڳو اسٽيبلشمينٽ جي مهرباني ئي نه پر هڪ حد تائين عوامي حمايت جي به اهميت آهي. جيتوڻيڪ آدم ڳڻپ جيان پ پ قيادت عوام سان ويساهه گهاتيءَ جا سمورا ليڪا لتاڙي سگهي ٿي پر چولستان ۽ چوبارا واهن بابت سنڌ ۾ عوامي جاڳرتا ۽ ردعمل تمام سخت آهي.
ان سڄي پسمنظر کي اڳيان رکڻ سان هڪ ڳالهه چٽي نظر اچي ٿي ته سنڌ جي پاڻي ۽ زمين کي بچائڻ جو اصل طريقو لڳاتار پرامن عوامي جدوجهد آهي. ان جدوجهد کي مستقل مزاجيءَ سان هلائڻ ۽ ان کي هٿرادو طور تشدد پکيڙيندڙ ڪنهن گروهه جو کاڄ بڻجڻ کان بچائڻ ضروري آهي. سٺي ڳالهه اها آهي ته سنڌ جون قومپرست پارٽيون الڳ الڳ جدوجهد ڪرڻ جي باوجود هن معاملي کي مٿين سطح تي اڀارڻ ۾ هينئر تائين ڪامياب ضرور ويون آهن. عوامي جاڳرتا جي نتيجي ۾ ٿيندڙ جدوجهد جي ڪري ئي پيپلز پارٽيءَ کي پنهنجي اهم سربراهه جي لائين جي ابتڙ هن رٿا جي مخالفت ڪرڻي پئجي رهي آهي. اسٽيبلشمينٽ جون ڪجهه حامي پارٽيون به هن معاملي تي حڪومت خلاف ڳالهائي رهيون آهن. ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ ۽ گڏيل پارليامينٽ ۾ به عوامي جدوجهد جو دٻاءُ ئي ڪجهه هاڪاري نتيجا ڏئي سگهندو. ان ڪري تمام ضروري آهي ته سنڌ جون سياسي ڌريون، سول سوسائٽي ۽ سنڌي ميڊيا انهن رٿائن بابت لڳاتار عمل جي ميدان ۾ متحرڪ رهن ته جيئن فيصلا ڪندڙ فورم سنڌ واسين جي سياسي دٻاءَ اڳيان گوڏا کوڙڻ تي مجبور ٿين. ڪالاباغ ڊيم وانگر هي معاملو به ڊگهي ۽ گڏيل جدوجهد جو گهرجائو آهي.

روزاني ڪاوش جي ٿورن سان پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجي ٿو

پهنجو تبصرو موڪليو