سنڌ حڪومت ۽ آڪسفورڊ پروگرام تحت شاگردن کي اسڪالرشپ ڏيڻ جو اعلان

سنڌ حڪومت ۽ آڪسفورڊ پاڪستان پروگرام طرفان سنڌ جي شاگردن لاءِ آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ گريجوئيٽ اسڪالرشپن جو اعلان ڪيو ويو. باصلاحيت شاگردن لاءِ 6 گريجوئيٽ اسڪالرشپون ڏنيون وينديون. اسڪالرشپون شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نالي سان واڳيون وينديون ۽ او پي پي جي سالياني گريجوئيٽ اسڪالرشپ پروگرام جو حصو هونديون. گذريل سال او پي پي سنڌ جي ٻن ۽ بلوچستان جي هڪ شاگرد کي اسڪالرشپ ڏني هئي. آڪسفورڊ يونيورسٽي طرفان اهو اعلان پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي موجودگي ۾ ڪيو ويو. تقريب جي ميزباني پروفيسر اسٽيفن بليٿ، پرنسپل ليڊي مارگريٽ هال ڪئي. ان موقعي تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ڀيڻ محترمه صنم ڀٽو، ليکڪه ۽ تاريخدان وڪٽوريا اسڪو فيلڊ، سنڌ ۽ بلوچستان جا سينيئر عملدار ۽ او پي پي جون اهم شخصيتون پڻ موجود هيون. فنڊ تحت هر سال سنڌ جي 6 بهترين شاگردن کي آڪسفورڊ ليڊي مارگريٽ هال ۾ گريجوئيٽ ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ مالي امداد ڏني ويندي. 3 اسڪالرشپون شهيد بينظير ڀٽو اسڪالرشپ تحت عورتن لاءِ رکيون ويون، 3 اسڪالرشپون شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اسڪالرشپ تحت ڏنيون وينديون. پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري موجب او پي پي گهٽ وسيلا رکندڙن لاءِ در کولي رهيو آهي ۽ پاڪستان جي باصلاحيت شاگردن لاءِ موقعا پيدا ڪري رهيو آهي. سنڌ ۽ بلوچستان جي حڪومتن او پي پي سان پنهنجي صبن جي شاگردن لاءِ اسڪالرشپ پروگرام شروع ڪيا آهن. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هي اسڪالرشپون سنڌ جي شاگردن کي دنيا جي بهترين تعليمي اداري ۾ پڙهڻ جا موقعا ڏينديون، شاگرد واپس اچي پنهنجي علم ۽ مهارت سان پنهنجي معاشري کي ترقي ڏيڻ ۾ مدد ڏيندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو