چيمپيئنز ٽرافي: ڏکڻ آفريڪا افغانستان کي شڪست ڏئي ڇڏي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) چيمپيئنز ٽرافي جي گروپ بي جي پهرين ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا هڪ طرفي مقابلي کانپوءِ افغانستان کي 107 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.ڪراچي جي نيشنل بينڪ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ چيمپيئنز ٽرافي جي ٽئين ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو صحيح ثابت ٿيو.آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي گروپ بي جي پهرين ميچ ۾، ڏکڻ آفريڪا ريان ريڪلٽن جي شاندار سينچري ۽ ٽيمبا باوما، راسي وان ڊير ڊوسن ۽ مارڪرم جي اڌ سينچرين جي بدولت 315 رنسون ٺاهيون. هدف جي تعاقب ۾، افغانستان جي ٽيم 44 هين اوور ۾ 208 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. ڏکڻ آفريڪا جي رائن ريڪلٽن کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.افغان بيٽسمينن کي شروعات کان ئي هدف جو تعاقب ڪرڻ ۾ مشڪلاتن جو سامنا ڪرڻو پيو، افغان ٽيم کي صرف 16 رنسن تي پهريون نقصان برداشت ڪرڻو پيو جڏهن رحمان الله گرباز 10 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو.پروٽيز پنهنجي شاندار بالنگ جو سلسلو جاري رکيو ۽ 23 اوورن ۾ 89 رنسن تي 5 افغان بيٽسمينن کي آئوٽ ڪيو، عظمت الله عمر زئي 18، ابراهيم زدران 17، صديق الله اتل 16 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته ڪپتان حشمت الله شاهدي ڪو به رن نه ٺاهي سگهيو.افغان ٽيم جي واحد بيٽسمين رحمت شاهه ڏکڻ آفريڪي بالرن خلاف مزاحمت جو مظاهرو ڪيو ۽ 92 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جنهن ۾ هڪ ڇڪو ۽ 9 چوڪا شامل هئا.محمد نبي 8، گلبدين نائب 13، راشد خان 18 ۽ نور احمد 9 رنسون ٺاهيون.ڏکڻ آفريڪا لاءِ ڪگيسو ربادا 3 وڪيٽون وٺي سڀ کان ڪامياب بالر رهيو، نگيڊِي ۽ وين ملڊر 2-2 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته مارڪو جانسن ۽ ڪيشو مهاراج هڪ-هڪ وڪيٽ ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو