تاشقند (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر زور ڏنو آهي ته افغان عبوري حڪومت پنهنجي سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ٿيڻ کان روڪي، ڇو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام خطي جي مفاد ۾ آهي.ازبڪستان ۾ مفاهمتي يادداشتن تي صحيح جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ٻنهي ملڪن جي خوشحالي ۽ ترقي اسان جو گڏيل عزم آهي، پنهنجي ٽيم سان گڏ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي نين بلندين تائين وٺي وينداسين. هن چيو ته پاڪستان جي معاشي ترقي لاءِ پرعزم آهيان، هڪ سال ۾ ملڪي معيشت کي پنهنجي پيرن تي بيهاريو، پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي سان سيڙپڪارن جو اعتماد وڌيو آهي، اوسر جي شرح واڌ ٿي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته ريلوي ذريعي واپار اهميت رکي ٿو، اقتصادي زون ۾ سيڙپڪاري کي ممڪن بڻائينداسين، سياحت جي شعبي ۾ به گڏجي ڪم ڪنداسين، ازبڪستان کي ڪراچي ۽ لاهور سان جوڙينداسين. وزيراعظم چيو ته علائقائي امن ۽ استحڪام اسان سڀني جي مفاد ۾ آهي، افغان عبوري حڪومت پنهنجي سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ٿيڻ کان روڪي، افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام خطي جي مفاد ۾ آهي.
