آسٽريلوي ڪپتان جو ڀارت هٿان شڪست بعد رٽائرمينٽ جو اعلان

دبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارت کان چيمپئنز ٽراف جي سيمي فائنل م 4 وڪيٽن تان شڪست بعد آسٽريليا جي ڪپتان اسٽيو سمٿ ون ڊي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو آهي. هو ٽيسٽ ۽ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ بدستور کيڏندو رهندو. پيٽ ڪمنز جي زخمي ٿيڻ سبب ڪپتاني اسٽيو سمٿ ڪئي. اسٽيو سمٿ، فيبروري 2010 ۾ ويسٽ انڊيز خلاف ون ڊي ڊيبيو ڪندڙ آسٽريليا جي نمائندگي ڪندي 170 ميچن ۾ 12 سينچريون ۽ 35 ففٽين جي مدد سان 43.28 جي اوسط سان 5800 رنسون ٺاهيون ۽ 40 ميچن ۾ بالنگ ڪندي28 وڪيٽون ورتيون.

پهنجو تبصرو موڪليو