ڪينال ڪڍڻ ۽ 26هين آئيني ترميم خلاف وڪيلن جي مارچ جي حمايت

حيدرآباد: (ن س) سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍي سنڌ سڪائڻ جي سازش ۽ 26 ويهين آئيني ترميم خلاف ڪراچي ۾ ٿيندڙ “وڪيلن جي احتجاجي مارچ” جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا. سنڌو درياهه جي بقا جي جدوجھد ڇهه ڪروڙ سنڌين جي جياپي جي جدوجهد آهي. ان جدوجھد کي مقدس جدوجهد سمجهندي هر مڪتب فڪر جي ماڻهو کي پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي.اهڙن خيالن جو اظهار ايس ٽي پي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي صاحب پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي. ڊاڪٽر قادر مگسي وڌيڪ چيو وڪيلن جيان سنڌ جي هر ماڻهوءَ کي پنهنجي درياءَ جي حفاظت لاءِ سياسي مزاحمت جو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي، سنڌ جي واهڻ واهڻ، ۾ سنڌو درياهه جي تحريڪ کي منظم ۽ متحرڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي. ايس ٽي پي سنڌو درياهه بچائڻ جي جدوجهد ۾ اڳواڻي واري ڪردار ۾ آهي. سنڌو درياهه سنڌين جي زندگي جي شھ رڳ آهي. ملڪ جا حڪمران سنڌين جي شهه رڳ کي ختم ڪري سنڌين جي نسل ڪشي ڪرڻ جي ڪوشش رهيا آهن.هن چيو ته جڏهن قومن مٿان موت جو مرحلو ايندو آهي ته سجاڳ قومون پنهنجي جياپي ۽ زندگي لاءِ آخري حد تائين ھلي وينديون آهن. سنڌو درياهه جي تحريڪ لاءِ سنڌين کي پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪندي ڪڏهن به هٻڪ نه ڪرڻ گهرجي. ملڪ جي اصل حڪمرانن جي اهو فيصلو ڪري ورتو آهي ته هو ڇهه ڪروڙ سنڌين کي بک، اڃ ۽ ڏڪار جو موت ڏيندا ته اسان به حڪمرانن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا سنڌين جي مزاحمتي تاريخ پڙهي وٺو سنڌي پنهنجي درياه بچائڻ لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ اوهان کي تيار ملندا. هن وقت شايد اوهان کي ان ڳالهه جو احساس ناهي ته اوهان باھ سان کيڏي رهيا آهيو اهڙي باھ جيڪا ٻاري اوهان آهي پر ان باھ ۾ سڙندو اوهان جو وجود.ٻئي طرف ايس ٽي پي جي انفارميشن سيڪريٽري امتياز سمون پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌو درياهه جي تحريڪ جي اڳئين مرحلي جي رٿابندي جي لاءِ 9 مارچ2025 (سڀاڻي ) آچر جي ڏينهن ايس ٽي پي جي پاليسي ساز اداري سينٽرل ڪميٽي جو اجلاس پارٽي چيئرمين ڊاڪٽرقادرمگسي جي صدارت ۾ مگسي هائوس قاسم آباد تي سڏايو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو