لاهور: (ويب ڊيسڪ) اڄ عورتن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، جڏهن ته پنجاب ۾ عروتن جي قتل جا 2 افسوسناڪ واقعا به اڄوڪي ڏينهن ئي پيش آيا آهن.پوليس موجب چشتيان جي ڏوراهين علائقي ۾ ساهورن مبينه طور تي ننهن کي قتل ڪري ڇڏيو، 30 ورهين جي مقتوله جي سڃاڻپ فروا جي نالي سان ٿي جيڪا هڪ ٻار جي ماءُ هئي.رپورٽن موجب شادي شده عورت جي مٿي ۾ ڏنڊا هڻي کيس گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو، واقعو بستي شيرازيان ۾ پيش آيو جنهن جي اطلاع ملندي ئي بخش خان ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي قبضي ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو. پوليس جي اچڻ تي جوابدار واقعي واري هنڌان فرار ٿي ويا، مقتوله جي والد جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.ٻئي طرف فتح آباد ۾ شڪ جي آڌار تي ڏير تيل هاري ڀاڀي کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، پوليس موجب ندا وٽ موبائيل مليو جنهن تي ڏير ناجائز لاڳاپن جي شڪ ۾ پيٽرول هاري کيس باهه ڏئي ڇڏي، زنده سڙي ويل ندا کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ٽي ايڇ ڪيو بهلاول منتقل ڪيو ويو. طبي ذريعن موجب عورت جو 90 سيڪڙو جسم سڙي چڪو هو جيڪا اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي وئي. مقتوله هڪ ٻار جي ماءُ هئي، پوليس موجب واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته جوابدار کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.عورت جي مڙس پوليس کي ٻڌايو ته مان نجي مل ۾ ملازم آهيان مون کي گهر وارن اسپتال گهرايو. منهنجي پسند جي شادي هئي جنهن مان مون کي 6 مهينن جي ڌيءَ به آهي. مقتوله ندا جي والد ممتاز جي درخواست تي پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته ٽي ايڇ ڪيو بهلوال ۾ عورت جو پوسٽ مارٽم به ڪيو ويو.
