پاڪستاني شهري سلامتي لاءِ خطرو قرار ڏئي آمريڪا مان بيدخل

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ايجنسي پاڪستاني شهري کي سلامتي لاءِ خطرو قرار ڏئي ملڪ مان ڪڍي ڇڏيو.آمريڪي اميگريشن ۽ ڪسٽم انفورسمينٽ 56 ورهين جي سيد رضوي کي قومي سلامتي جو ترجيحي خطرو قرار ڏيندي 25 فيبروري تي آمريڪا مان بي دخل ڪيو. سيد رضوي غير قانوني طور ڊالاس ۽ ٽيڪساس ۾ ترسيل هو، کيس 31 جنوري تي هڪ معمول جي ٽريفڪ اسٽاپ دوران گرفتار ڪيو ويو هو ۽ 24 جنوري تي اميگريشن جج ملڪ بدر ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. سيد رضوي 20 سيپٽمبر 2017 ۾ نيو يارڪ تي پورٽ آف انٽري مان قانوني طور آمريڪا داخل ٿيو هو پر هن داخلا جي شرطن جي ڀڃڪڙي ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو