واٽس ايپ گروپ مان ڪڍڻ تي ايڊمن قتل

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور ۾ هڪ شخص مبينا طور واٽس ايپ گروپ مان ڪڍڻ تي ايڊمن کي قتل ڪري ڇڏيو. افسوسناڪ واقعو پشاور جي علائقي ريگي سفيد سنگ ۾ پيش آيو، جتي واٽس ايپ گروپ مان ڪڍڻ تي جوابدار ڪاوڙ ۾ اچي ايڊمن کي ماري ڇڏيو. مقتول جي ڀاءُ پوليس کي ٻڌايو ته سندس ڀاءُ مشتاق جوابدار اشفاق کي واٽس ايپ گروپ مان ريموو ڪيو، جنهن تي جوابدار ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ هن فائرنگ ڪري ڏني، مان فائرنگ ۾ بچي ويس پر ڀاءُ مشتاق مارجي ويو. پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري جوابدار جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو