436 سرچ اينڊ سوئيٽ آپريشن، پنجاب ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ

لاهور (ويب ڊيسڪ) ملڪي حالتن کي ڏسندي پنجاب ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي.پنجاب پوليس ترجمان موجب پنجاب ۾ انٽيليجنس بيسڊ سرچ اينڊ سوئيپ آپريشنز ۽ مشقون جاري آهن.ترجمان ٻڌايو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صوبي ۾ 436 سرچ اينڊ سوئيپ آپريشن ۽ 8 مشقون ڪيون ويون.آپريشنز ۾ سنگين ڏوهن ۾ ملوث 38 اشتهاري جوابدار ۽ 123 شڪي گرفتار ڪيا ويا، جن وٽان 2 ڪلاشنڪوف، 12 بندوقون، 20 هينڊ گنز ۽ سوين گوليون برآمد ٿيون، جوابدارن وٽان 43 ڪلو چرس، 2 ڪلو هيروئن ۽ 560 گرام آئس به برآمد ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو