لاهور: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف 22 مارچ تي مينار پاڪستان تي جلسي جي اجازت لاءِ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ اڪمل خان باري درخواست لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪئي جنهن ۾ چيف سيڪريٽري پنجاب، ڊپٽي ڪمشنر لاهور سميت ٻين کي ڌر بنايو ويو آهي. عدالت ۾ داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ جي سياسي پارٽي کي 22 مارچ جي شام 8 وڳي کان رات 12 وڳي تائين جلسو ڪرڻو آهي جلسو ۽ ريلي ڪرڻ جي اجازت پاڪستان جو آئين به ڏئي ٿو. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ کي سياسي انتقام جو نشانو بنايو پيو وڃي. انتظاميه جلسي جي درخواست تي فيصلو نه پئي ڪري، عدالت ڊپٽي ڪمشنر لاهور سميت ٻين کي درخواست تي فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ۽ 22 مارچ تي جلسو ڪرڻ جي اجازت ڏئي.
