اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ پاليسي سطح جون ڳالهيون جاري آهن، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته حڪومت کي هڪ ارب ڊالر جي قسط کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ نون حدفن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. رپورٽ موجب ذريعن ٻڌايو آهي ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۽ گردشي قرض ۾ گهٽتائي تي ڳالهيون ٿينديون. بجلي جي بلن تي 2.90 روپيه في يونٽ سرچارج لڳائڻ جي تجويز غور هيٺ آهي. پيٽرول ۽ ڊيزل گاڏين تي ڪاربن ٽيڪس لڳائڻ جي امڪان ت به غور ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪوئلي سان هلندڙ بجلي جي گهرن تي ڪاربن ليوي لڳائڻ جي تجويز تي به ڳالهيون ڪيون وينديون. نجڪاري جي شارٽ ٽرم پلان تي حتمي ڳالهين جو امڪان آهي.ذريعن موجب اليڪٽرڪ وهيڪل پاليسي ۾ ٽيڪس اصلاحات تي ڳالهيون جاري آهن. ٽيڪنيڪي ڳالهين ۾ پاڪستان سان ڊومور جو مطالبو ڪرڻ جو امڪان آهي. پاليسي سطح جون ڳالهيون ختم ٿيڻ کان پوءِ آءِ ايم ايف شروعاتي بيان جاري ڪندو.
