سکر بئراج وٽ پاڻي جي کوٽ 55 سيڪڙو تائين وڌي وئي

سکر(رپورٽر) سکر بيراج وٽ چويهن ڪلاڪن دوران 5540 ڪيوسڪ پاڻي ۾ لاٿ اچي وئي آهي، بيراج وٽ کوٽ وڌي 55 سيڪڙو ٿي وئي آهي، سکر بيراج جو مٿانهون وهڪرو 20920 ۽ هيٺانهون وهڪرو 7100 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو آهي، گڊو بيراج جي مٿانهين پاسي26696 ۽ ھيٺانهون 22282 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو آهي، ڪوٽڙي بيراج وٽ پاڻي ۾ معمولي واڌ بعد وهڪرا 6120 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيا ويا آهن، ٻن ڏينهن بعد اوچتو پنجنند وٽان پاڻي فراهمي ٽي سو سيڪڙو گهٽائي 1473 ڪيوسڪ ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو