ماتلي ۾ شاعر ۽ تخليقڪار محمد رمضان چڍڙ مارجي ويو

ماتلي:(ن س) ماتلي شھر ڀرسان عبدلرئوف نظاماڻي جي مارڪيٽ ۾ ڏينھن ڏٺي جو ٻن نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ماتلي جو رھواسي ليکڪ رمضان چڍڙ مارجي ويو آهي.واقعي کان پوءِ پوليس پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيو آهي جڏهن ته قاتل فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، پوليس طرفان قاتلن جي ڳولا جاري آهي ياد رهي ته ٽي ڏينهن اڳ نامعلوم جوابدارن ٽنڊوباگو ڀرسان رڪشا ڊرائيور کي گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو جنهن جا قاتل اڃان تائين گرفتار ٿي نه سگهيا آهن ته هڪ ٻيو واقعو ماتلي ۾ پيش آيو آهي. گذريل ڪجهه مهينن کان ضلع بدين ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي گهڻي خراب ٿي وئي آهي، رهواسين ۾ خوف جي لهر ڇانيل آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو