لاهور (پ ر) نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني (اين ٽي ڊي سي) مختلف قومي ۽ بين الاقوامي مقابلن جي فاتحن کي انعام ڏنا آهن. گريڊ 07 کان 16 تائين جي 19 رانديگرن جون نوڪريون مستقل ڪيون ويون آهن، جڏهن ته 25 رانديگرن جا پروموشن ڪيا ويا آهن. پڪا ٿيندڙ ۽ ترقي ماڻيندڙ رانديگرن ۾ هاڪي، ڪرڪيٽ، فٽبال، والي بال، بيڊمنٽن، ايٿليٽڪس، جيولين ٿرو، ويٽ لفٽنگ، باڊي بلڊنگ، باڪسنگ، جوڊو، ڪراٽي، سوئمنگ جا رانديگر شامل آهن. جڏهن ته نوجوان ريسلنگ، مارشل آرٽس، ٽيبل ٽينس، نيٽ بال ۽ سائيڪلنگ سميت مختلف راندين ۾ اين ٽي ڊي سي ۽ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. ترقي يافته ۽ مستقل ٿيل رانديگرن اڄ واپڊا هائوس لاهور ۾ اين ٽي ڊي سي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر انجنيئر محمد وسيم يونس سان ملاقات ڪئي.
Photo NTDC Media
رانديگرن کي مبارڪباد ڏيندي هن چيو ته رانديگرن قومي ۽ بين الاقوامي سطح تي پنهنجي صلاحيتن کي ثابت ڪيو آهي ۽ ڪمپني ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪيو آهي ۽ اسان کي توهان سڀني تي فخر آهي. هن چيو ته رانديگرن کي پنهنجي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ سخت محنت ڪرڻ گهرجي، اين ٽي ڊي سي انتظاميا پنهنجي رانديگرن کي ڪوچنگ ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. انجنيئر محمد وسيم يونس اميد ظاهر ڪئي ته توهان مستقبل جي مقابلن ۾ به اهڙي شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندا رهندا. اين ٽي ڊي سي اسپورٽس ايسوسيئيشن جي صدر، جنرل مئنيجر (ڊيزائن ۽ انجنيئرنگ) انجنيئر ڊاڪٽر خواجه رفعت حسن ان موقعي تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ڪاميابي صرف محنت سان ملندي آهي، رانديگرن کي ايندڙ نيشنل گيمز ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ سخت تربيت حاصل ڪرڻ گهرجي