بلاول ڀٽو زرداري انٽرا پارٽي چونڊن لاءِ اليڪشن بورڊ جوڙي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائڻ لاءِ پارٽيءَ جو اليڪشن بورڊ جوڙي ڇڏيو آهي. پ پ جي ميڊيا سيل طرفان جاري بيان موجب فوزيه حبيب کي اليڪشن بورڊ جو ڪنوينر مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته عامر فدا ۽ سيد سبط الحيدر بخاري کي بورڊ جو ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اليڪشن بورڊ کي هدايت ڪئي ته هو 5 هفتن ۾ انٽرا پارٽي چونڊن جو عمل مڪمل ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو