ڪينالز، ڪرم ۽ بلوچستان بابت خدشا ختم ڪرائڻ جي خاطري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهي ۾ پيپلز پارٽي جي وفد وزير اعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪري مختلف معاملن تي پنهنجي خدشن کان آگاگهه ڪيو. پيپلز پارٽي جي مميڊيا آفيس مان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بلاول ڀٽو، وزيراعظم کي ڪينالز جي معاملي تي پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي خيبرپختونخواهه جي ضلعي ڪرم ۾ امن امان جي خراب صورتحال تي به پنهنجي ڳڻتي کان وزيراعظم کي اگاهه ڪيو. بلاول وزيراعظم کي بلوچستان جي ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ اعلانيل فنڊز جاري نه ٿين بابت به آگاهه ڪيو. وزيراعظم بلاول کي سمورا خدشا جلد دور ڪرڻ جي خاطري به ڪرائي.

Photo PID

بيان موجب وزيراعظم چئني صوبن ۾ عوام جي اميدن تي پورو لهڻ ۽ وفاقي حڪومت سان سهڪار سان عام ماڻهو جي زندگي بهتر بڻائڻ لاءِ فعال ۽ متحرڪ ڪردار ادا ڪرڻ تي پيپلز پارٽي جي قيادت کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي مستقبل کي بهتر بڻائڻ لاءِ وفاق، صوبن ۽ سمورين سياسي پارٽين کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته بلاول وزيراعظم کي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گهرائڻ لاءِ به چيو جنهن تي وزيراعظم کيس جلد اجلاس گهرائڻ جي خاطري ڪرائي. ذريعن موجب بلاول پنجاب ۾ پاور شيئرنگ ۽ انتظامي معاملن بابت ڪيل معاهدي تي عمل نه ٿيڻ بابت به بريف ڪيو، وزيراعظم کيس چيوته جلد اوهانجي شڪايتن جو ازالو ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو