شريف الله جي گرفتاري آمريڪا تي پاڪستان جي ڪيل احسانن جو ذڪر

محمد اسماعيل لانگاھ
افغانستان اندر آمريڪي فوجين کي جهنم واصل ڪرڻ جي الزام ۾ موسٽ وانٽيڊ داعش ڪمانڊر شريف الله کي پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز هٿان گرفتار ڪرائڻ وارو عمل ڀلي آمريڪا لاء بهتر هجي پر پاڪ افغان تعلقاتن ۾ نفرتن کي وڌيڪ تيز ڪندو ڇو ته افغانستان ڀلي مسلمان ۽ پاڪستان جو پاڙيسري ملڪ آھي دهشتگرد حملن ۽ سرحدن تان ٿيندڙ دخل اندازي سبب ٻنهي ملڪن جا تعلقات ڪڏهن به بهتر نظر ناهن آيا ۽ داعش ڪمانڊر محمد شريف الله جي افغان سرحد تان ٿيل گرفتاري تي آمريڪا نانگ به مري ته لٺ به بچي وارو انتهائي عقل وارو ڪم ڪيو آهي جيڪو هو هميشه ڪندو اچي پيو شريف الله ڪمانڊر جي گرفتاري کان پهرين پاڪستان اندر ٽي کان وڌيڪ ڪامياب ٽارگيٽيڊ خودڪش حملا پڻ ڪيا ويا جنهن حملن جو پاڪستان جي سيڪيورٽي ادارن افغان بارڊر تان دخل اندازي جو پڻ خدشو ڪيو هو ۽ آمريڪا جيڪو پوري دنيا اندر زمين کان ويندي خلا تائين سموري چرپر تي پنهنجي جديد ٽيڪنالاجي وسيلي نظر رکي ٿو ته پوء ڪمانڊر شريف الله جي گرفتاري سابه پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز هٿان ڪرائڻ جي هن کي ڪهڙي تڪڙ يا ضرورت هئي اهو ڪم ته هو پاڻ اڪيلي سر به ڪري پئي سگهيو يا پاڪستاني فورسز سان گڏجي به ڪري پئي سگهيو پر معاملو پاڪ آمريڪي دوستي ۽ احسانن جو آهي ته پاڪستان آمريڪا لاء ڇاڇا نه پيو ڪري ۽ انجي موٽ ۾ پاڪستان کي ڇا ڇا ملي رهيو آھي ٻنهي ملڪن جي دوستي تي اڪثر ڪري پاڪستان جي عوام گهري طرح نظر رکي ٿو پر ملڪ جي اندروني خراب حالتن سبب مجبوريون آمريڪا سان ڦٽائڻ نه ٿيون چاهين
ٿوري نظر پاڪ آمريڪي دوستي ۽ احسانن تي رکبي ته دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي تعاون ۽ تعلقاتن کان هٽي ڪري جڏهن پاڪ آمريڪي تعلقاتن تي نظر رکبي ته اها دوستي سان گڏ دشمني تي مبني به رهي آھي پاڪستان خراب معاشي حالتن ۽ پاڙيسري ملڪن جي دشمني سبب آمريڪي دوستي ۾ هرگز ڏار وجهڻ نه پئي چاهيو 70 سال گذري وڃڻ بعد به پاڪستان ۽ آمريڪي تعلقات ٻنهي ملڪن لاء مجبوري بڻيل آھن اهو به آهي ته آمريڪا جي پاڪستان سان دوستي اصل کان وٺي مفادن تائين محدود رهي آھي سويت يونين لڙائي دوران افغانستان تي روسي فوجن جي چڙھائي کان پهرين دنيا ۾ روس جو پنهنجورعب ۽ دٻدٻو هيو هن پنهنجي هٺ ۽ وڏائي ۾ اچي افغانستان مٿان چڙھائي ڪري ڪامياب ٿيڻ جي جيڪا اميد کڻي آيو ان کي آمريڪا هڪ وڏي سازش سان مليا ميٽ ڪرايو ان وقت پاڪستان ۾ مدرسن جو بنياد رکرائي پاڪستان حڪومت ۽ مذھبي اڳواڻن لاء وڏيون امدادون ڏيڻ شروع ڪيون انهن امدادن ۾ عرب خليج جي ملڪن به حصو ورتو ۽ پاڪستان اندر مذھبي جنونيت کي هوا ڏيڻ خاطر هن مدرسن ۾ پڙھندڙ شاگردن کي علماء ڪرام معرفت جهاد جو درس ڏياريو ۽ انهن جي دماغ ۾ ھوا ڀرائي ته افغانستان پاڪستان جو هڪ پاڙيسري ملڪ آھي جنهن تي روس جهڙي ڪافر ملڪ جو حملو انتهائي افسوسناڪ عمل آھي ۽ هڪ ڪافر ملڪ خلاف اوهان تي جهاد جو فرض عائد ٿئي ٿو ۽ ان وقت پاڪستان ۾ جمهوريت جو دور هو هڪ جمهوري حڪومت معرفت آمريڪا کي پاڪستان جي مذھبي جماعتن کي جهاد خاطر ڀڙڪائڻ ڏاڍو ڏکيو پئي لڳو ۽ ڏٺو وڃي ته آمريڪا اصولي طرح پاڪستان کان جڏهن به ڪو مفاد يا ڪم ورتو آھي ڪڏهن به هن جمهوريت جي حمايت ناهي ڪئي هميشه آمريت وسيلي ڪم ڪڍيا آھن ان وقت پاڪستان ۾ هن آرمي چيف جنرل ضياء الحق معرفت ملڪ جي چونڊيل جمهوري وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت ختم ڪرائي آمريت نافذ ڪرائي آمريڪا کي خبر هئي ته ذوالفقار علي ڀٽو پهرين کان سندن دشمن بڻيل آھي جڏهن ضياء الحق آمريت نافذ ڪئي ته آمريڪا کي پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ جو وڌيڪ سولو موقعو فراهم ٿي ويو
اهڙي طرح افغانستان ۾ روسي فوجن خلاف جهاد لاء پاڪستان مان وڏي تعداد مان جهادي تنظيمن ۽ مدرسن مان قافلا اماڻيا ويا آمريڪي سازوسامان ۽ امداد تي پاڪستاني جهادين افغانستان سان گڏجي روس خلاف9 سال طويل عرصي تائين جنگ ڪئي ۽ روسي جارحيت کي ناڪام بڻايو ۽ اهڙي طرح هو بنا ڪنهن مقصد ۽ ڪاميابي ملڻ جي واپس فوج ڪڍي هليو ويو جيڪا جنگ 9 ورهين تائين وڙھڻ باوجود ڪو نتيجو نه ڏئي سگهي روس ڪمزور معاشي حالتن سبب ٽٽي ويو
۽ وري جڏهن 9/11 واقعو رونما ٿيو ته ان وقت به آمريڪي صدر جارج ڊبليو بش پاران انهن حملن جو سنئو سڌو الزام افغانستان تي هنيو جنهن حملي جو ماسٽر مائينڊ اسامه بن لادن کي قرار ڏنو ويو ۽ چيو ويو ته انجي رهائش افغانستان ۾ آھي ۽ آمريڪي ورلڊ ٽريڊ سينٽر جي ٽاورن تي ٿيل فضائي حملن جو ماسٽر مائينڊ اسامه آهي اهڙي عالمي سطح جو الزام هڻي اسامه بن لادن کي پوري دنيا لاء خوف جي علامت سمجهي آمريڪي صدر بش ان وقت جي آرمي چيف جنرل پرويز مشرف ۽ وزير اعظم شهباز شريف تي زور ڀريو ته هو افغانستان مٿان چڙهائي جي صورت ۾ ڀرپور تعاون ڪن ۽ اڏا به ڏين آمريڪي حڪومت جي ان مطالبي تي پاڪستان جي عوام سميت تمام سياسي پارٽين جي مخالفت کانپوء آمريڪا کي اڏا ڏيڻ کان جواب ڏنو ويو پر آمريڪي صدر جي هٺ ڌرمي سان افغانستان تي چڙهائي ڪئي وئي ان وقت افغانستان ۾ طالبان سربراه ملا عمر جي حڪومت هئي جنهن کي ختم ڪيو ويو زبردستي ٿيل چڙھائي ۾ سڀ کان وڌيڪ جاني نقصان پاڪستان کي پهتو جنهن ۾ خودڪش حملن دوران هزارين بيگناھ انسانن کي ابدي ننڊ سمهاريو ويو پوري ملڪ اندر افغانستان مان ڀڄي آيل افغانين دهشگردي جي نيٽ ورڪ کي مضبوط ڪري ڇڏيو ٿورو وقت گذرندي ئي جنرل مشرف نواز شريف حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو
۽ هڪ جمهوري حڪومت کي ختم ڪرڻ جو الزام اهو هنيو ويو ته هڪ آرمي چيف کي نواز شريف مارائڻ پئي چاهيو۔ نواز شريف پنهنجي حڪومت دوران ڪارگل واقعي جو به آمريڪي صدر بل ڪلنٽن تي ٿورو ڪيو ۽ انهن چوٽين تان فوج کي واپس ڪرائي ڪارگل جهڙي کٽيل جنگ آمريڪا جي چوڻ تي هارائي مطلب ته پاڪستان ۾ جمهوريت هجي يا آمريت آمريڪا جو هر جائز يا ناجائز چوڻ ناهي موٽيو
اهڙي طرح جنرل مشرف اقتدار تي قبضو ڪري ويهي رهيو ملڪ ۾ ريفرنڊم ذريعي پاڻ کي ملڪ جو صدر چونڊرائڻ بعد 9 سال اقتدار جو مزو ماڻيو جنرل مشرف آمريڪي ڊالرن جي عيوض آمريڪي حڪومت کي سوين افغان مذھبي اڳواڻ دهشتگرد قرار ڏئي پڪڙي کين حوالي ڪيا ڇاڪاڻ پاڪستان جي اندروني حالتن هميشه اسانجي حڪمرانن کي آمريڪا جو غلام بڻائي رکيو آھي اسامه بن لادن کان ويندي بيت الله محسود سميت ڪيترائي طالبان ۽ القائده جا مک اڳواڻ جن جي موجودگي پاڪستان ۾ هئڻ جو الزام لڳندو رهيو جنرل مشرف پاران آمريڪا حوالي ڪيل گرفتار طالبان جهادي جنهن کي آمريڪي حڪومت گوانٽانامو بي جيل جهڙن جيلن ۾ واڙي انتهائي اذيتناڪ ويڊيوز وائرل ڪري پوري دنيا جي مسلمانن کي اذيت پهچائي ۽ پڻ پاڻ خلاف نفرت جو ٻج ڇٽرايو افغانستان تي چڙهائي دوران جنرل مشرف آمريڪي حڪومت سان ڀرپور سهڪار ۾ رهيو پنهنجي ملڪ اندر ڪيترن ئي مذھبي اڳواڻن کي پڻ گرفتار ڪرايو ۽ لال مسجد جهڙي پاڪ ۽ مقدس جڳھ تي پڻ فورسز جي چڙھائي دوران ڪارڪن گرفتار ڪرايا جنرل مشرف افغان جنگ دوران آمريڪي صدر جي لاء رائٽ هينڊ وارو ڪم پئي ڪيو ليڪن آمريڪا جي افغانستان مٿان چڙھائي بغير ڪنهن ڪاميابي جي واپسي ٿي ۽ اهڙي صدر جارج بش پنهنجي اقتدار ختم ٿيڻ بعد جنگ پاڪستان جي ڳچي۾ وجهي هليو ويو ۽ هن وقت تائين افغانستان جي دشمني کين اسانجي سيڪيورٽي فورسز سميت عام شهرين لاء ھروقت خطرو بڻيل آهي ليڪن آمريڪا ڪڏهن به پاڻ مٿان ٿيل پاڪستان جي قربانين ۽ احسانن کي دل سان قبول ناهي ڪيو پر پاڪستان جهڙي نموني آمريڪا جو ساٿ ڏنو ڪنهن به ناهي ڏنو ڏٺو وڃي ته افغانستان تي چڙھائي دوران آمريڪي فورسز طرفان ڦٽو ڪيل سمورو اسلحو اتي افغان حڪومت وٽ موجود آھي جيڪو بقول پاڪستان حڪومت جي ته اهو اسانجي ملڪ ۾ دهشتگرد حملن دوران استعمال ٿي رهيو آهي جنهن اسلحي جي واپسي لاء آمريڪا طرفان افغان حڪومت تي پڻ زور ڀريو ويو آهي
۽ هاڻ ڏسجي ته ڪمانڊر محمد شريف الله جي افغان سرحدن تان پاڪ فورسز هٿان ٿيل گرفتاري جو آمريڪا پاڪستان حڪومت لاء ڪهڙي انعام جو اعلان ڪري ٿو يا ھو هميشه وانگر ڪو ٻيو بهانو بڻائي يوٽرن وٺندو ۽ ٻي ڳالھ ته ڪمانڊر محمد شريف الله جي گرفتاري بعد افغان بارڊر تان ٿيندڙ حملن ۾ ڪيتري نرمائي اچي ٿي

پهنجو تبصرو موڪليو