اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستاني اختيارين عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) کي بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي تي راضي ڪري ورتو آهي. پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ هڪ ارب ڊالرن جي قسط لاءِ ڳالهيون جاري آهن، جنهن دوران توانائي جي شعبي جي عملدارن آءِ ايم ايف جي وفد سان اڄ ۽ ڪالهه ملاقات ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني اختيارين آءِ ايم ايف کي بجلي 2 رپيا في يونٽ سستي ڪرڻ تي راضي ڪري ورتو آهي. جڏهن ته بيس لائين ٽيرف ۾ ڏيڍ کان 2 روپيا گهٽتائي جو امڪان آهي. پاڪستان حڪومت 800 ارب کان مٿي ساليانو نقصان ڪندڙ رياستي ادارن جي نجڪاري جو پلان به آءِ ايم ايف کي پيش ڪيو. جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هائوس بلڊنگ فنانس ڪارپوريشن ۽ پي آءِ اي کي ترجيحي بنيادن تي نجي شعبي حوالي ڪيو ويندو. حڪومت پهرين مرحلي ۾ بجلي جون 3 ڪمپنيون اسلام آباد، فيصل آباد ۽ گجرانوالا کي نجي شعبي حوالي ڪيو ويندو. ٻئي مرحلي ۾ لاهور، ملتان ۽ حيدرآباد جي بجلي ڪمپنين جي نجڪاري ٿيندي.
