ڪراچي ۾ موسم جي تبديلي سان ساهه جي بيمارين ۾ اضافو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ موسم بدلجڻ سان ساهه جي بيمارين ۾ اضافو ٿيو، سول اسپتال جي ايمرجنسي انچارج موجب، روزانو 150 کان وڌيڪ ماڻهو ساهه جي بيمارين ۾ مبتلا آهن، ۽ اهڙي طرح جناح اسپتال ۾ به ساهه جي مريضن جو انگ روزانو 150 کان وڌي ويو آهي.ٻئي طرف، طبي ماهر ين جو چوڻ آهي ته ٻار ساهه جي بيمارين کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن، اسپتال ۾ ايندڙ مريض ڳلي ۾ سور، زکام ۽ کنگهه جي شڪايت ڪري رهيا آهن. طبي ماهرن موجب، اهڙي موسم ۾ دمہ جي مريضن جي حالت خراب ٿيڻ شروع ٿي ويندي آهي.طبي ماهرن شهرين کي هدايت ڪئي ته رمضان المبارڪ دوران ٿڌي ۽ غير معياري مشروبات کان پاسو ڪن ۽ گهرن مان نڪرڻ وقت ماسڪ پائڻ کي لازمي قرار ڏنو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو