ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل شهري ۽ جوابدار سيد عالم جي ڳولا ۽ گرفتاري جو حڪم ڏنو. سپريم ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل چيو ته گم ٿيل شهري سيد عالم خلاف ڪيترائي ڪيس داخل آهن، ۽ جوابدار ٻن ڪيسن ۾ مفرور پڻ آهي.عدالت گم ٿيل شهري نعيم الله ۽ ڪامران جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون. عدالت درخواستگذارن کي گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ ٻين گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي تي اختيارين کان پيش رفت رپورٽ طلب ڪئي.عدالت گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس بابت درخواست جي ٻڌڻي 15 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
