گهوٽڪي )ن س )گهوٽڪي مئل ۽ بيمار جانورن جو گوشت وڪرو ڪرڻ جي شڪايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر پوليس سان گڏ ڇاپا هڻي ڪيترائي مڻ ڪٽيل گوشت ضايع ڪرائي دڪاندار تي هزارين روپيا ڏنڊ وڌو. اسسٽنٽ ڪمشنر نويد علي کوکر ۽ مختيارڪار آغا انصاف پٺاڻ پاران پوليس سان گڏ قومي شاهراهه جي ڀروارن علائقن ۾ ڪارروائي ڪئي. اسسٽنٽ ڪمشنر چنا پمپ ويجهو ڪارروائي ڪري صحت لاءِ هاڃيڪار ڪيترائي مڻ گوشت هٿ ڪيو. اي سي محمد پور ۾ ماپ کان گهٽ پيٽرول وڪرو ڪندڙ پمپ تي ڇاپو هڻي پمپ سيل ڪري 25 هزار ڏنڊ مڙهيو.
