اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پ پ جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات شازيه مري چيو آهي ته صدر آصف علي زرداري جي خطاب سان پاڻي معاملي تي ٿيندڙ واويلا ختم ٿي چڪي آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات شازيه مري چيو ته پاڻي معاملي تي حڪومت جي هڪ طرفي فيصلو جو پ پ ساٿ نه ڏئي سگهي. هن چيو ته صدر آصف علي زرداري واضح ڪيو هو ته هو صدر آهي وفاق کي نقصان نه ٿو پهچائي سگهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان کپي جو نعرو هڻندڙ ملڪ کي مضبوط ڪندو. پ پ اين اين اي شازيه مري چيو ته صدر آصف علي زرداري پنهنجي خطاب ۾ معيشيت، صحت ۽ تعليم سميت هر معاملي تي ڳالهيون ڪيون. هن چيو ته صدر آصف زرداري واضح ڪيو ته جمهوريت جو حسن پارليامينٽ جو فورم استعمال ڪرڻ ۾ آهي. سندس چوڻ هو ته صدر آصف علي زرداري پنهنجي خطاب ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي وڌائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. پ پ ايم اين اي شازيه عطا مري چيو ته صدر آصف زرداري چيو ته گڏجي زراعت تي ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خطري کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ سڪيورٽي فورسز دهشتگردي خلاف جنگ ۾ مصروف آهن. سندس چوڻ هو ته صدر آصف علي زرداري جو ڪو به سياسي دشمن ناهي نه ئي وري هن سياسي انتقام ورتو آهي.
