رحمت الله ٻرڙو
گذريل ڏينهن صدر پاڪستان آصف علي زرداري پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي چيو آھي ته سڀ کان پهريان اهم نقطو سنڌو درياھ مان پنجاب صوبي ۾ نڪرندڙ 6 ڪئنال آھن جن تي سنڌ جو عوام سراپا احتجاج بڻيل آھي.ان پس منظر ۾ آصف علي زرداري جو چوڻ آھي ته وفاقي حڪومت کي کپي ته اهو تڪراري فيصلو واپس وٺي،صدر زرداري پنهنجي خطاب ۾ 6 ڪئنالن جي مخالفت ڪندي چيو ته ڪجھ هڪ طرفيون پاليسيون وفاق تي شديد دٻاء وجهي رهيون آھن.صدر زرداري چيو ته حڪومت کي کپي ته سڀني اسٽيڪ هولڊرز کي گڏجي کڻي هلي.هن وڌيڪ چيو ته اچو ته سڀ ذاتي ۽ سياسي اختلاف وساري قومي مفادن کي ترجيح ڏيون۔اهي ۽ اهڙيون کڙ ساريون هن قومي،جهموري،رياستي،سياسي،معاشي ۽ وفاقي توڙي صوبائي پس منظر ۾ ڳالهيون ڪيون آھن.جيڪي پڻ غور طلب،قابل فڪر ۽ قابل عمل آھن.انهن سڀني ڳالهين جي باوجود آصف علي زرداري بحيثيت قومي اڳواڻ ۽ هن وقت يا ماضي ۾ به بحيثيت صدر پاڪستان غور طلب ڳالهين جو ورجاء ڪيو آھي.سياسي استحڪام لاء مفاهمتي پاليسي اختيار ڪرڻ،پارلياماني نظام جي مضبوطي لاء اتحادي ۽ مفاهمتي سلسلي کي جاري رکي پارليامنٽ جي وقار وارو تسلسل به ڄڻ ته زرداري ڊاڪٽرائن جو نتيجو آھي.سڀني حلقن،پاسن ۽ سياسي ڌارائن کان سدائين حڪومتي يا سياسي مخالف بنيادن تي آصف علي زرداري تنقيد جو نشانو بڻيل رهيو آھي.آصف علي زرداري پاڪستان جي سياست جو جتي هڪ اهڙو کليل باب آھي جنهن جو احساس هن جي انهن اتحادن ۽ گڏيل حڪومتي جوڙجڪ کان ٻاهر رهڻ ۾ ٿيندو سو پڻ ڪنهن کي اندازو ئي ناهي.صدر زرداري فقط صدر ناهي هو پاڪستان جي سياسي تاريخ جو لچڪدار ڪردار آھي.سندس جي سياسي يا حڪومتي پاليسي انتهائي ڳوري آھي جنهن جو اندازو سندس جي غير موجودگيء ۾ پوندو.اسانجي جي بيحس سماج ۾ ۽ بيقدري سياست ۾ جتي سياسي نظريامات کائي ويا آھن.اتي آصف زرداري جهڙو سياسي ڪردار ئي معاملات کي سمجهي سگهي ٿو.بحيثيت صدر پاڪستان صدر جا اختيار وزيراعظم طرف ڏيڻ،ارڙھين ترميم ۾ سندس جو ڪردار،صبن کي بااختيار بڻائڻ اوري ٿيوري تي عمل ڪرڻ ۽ ڪرائڻ کان ويندي پارلياماني ۽ سياسي نظام جي تسلسل کي برقرار رکڻ جهڙن عملن ۾ آصف زرداري جو ڪردار بلڪل به مٿانهون آھي.انهن سڀني ڳالهين جي باوجود جيڪڏهن موجوده سياسي اڳواڻن ۾ ڪا خاصيت آھي ته هو بلڪل آصف علي زرداري کي تنقيد جو نشانو بڻائن.ان سلسلي ۾ آصف علي زرداري متعلق جيڪا وڌيڪ معلومات يا ڄاڻ آھي سا پڻ هيٺ رکجي ٿي ته آصف علي زرداري جائز ناجائز،ضروري ۽ غير ضروري،مثبت گهٽ منفي اجائي تنقيد جو نشانو بڻيل رهيو آھي.
پاڪستان جي سياسي تاريخ ڪيترن ئي بحرانن، سازشن، ۽ حڪمت عملين سان ڀري پئي آهي. هن پسمنظر ۾،آصف علي زرداري جو نالو هڪ اهڙي سياستدان طور ورتو ويندو آهي، جيڪو نه صرف مشڪل حالتن ۾ پنهنجي سياسي ٻيڙي کي تاري وٺڻ ڄاڻي ٿو،پر طاقت جي رانديگرن سان مفاهمت ڪرڻ جو به ماهر آهي. پر ڇا آصف زرداري ئي واحد سياسي ٻيڙي جو ڳورو سوار آهي؟۽ جيڪڏهن آهي ته ان جو سبب ڇا آهي؟
سياسي حڪمت عملي ۽ اثر۔آصف زرداري جي سياست جو بنياد مفاهمت، سياسي بارگيننگ ۽ موقعن جي سڃاڻپ تي آهي.هو سياسي مخالفن سان به اهڙي طريقي سان هلڻ ڄاڻي ٿو،جو حالتون پنهنجي حق ۾ ڪري سگهي. 2008 ۾ صدارت سنڀالڻ بعد، هن مفاهمتي پاليسي جو مظاهرو ڪندي سياسي قوتن کي پاڻ سان گڏ رکڻ جي ڪوشش ڪئي.
اقتدار تي گرفت ۽ سياسي طاقت.آصف زرداري جي سياسي اثر جو هڪ وڏو سبب پيپلز پارٽي سان سندس وابستگي آهي،جيڪا پاڪستان جي تاريخي طور تي اهم پارٽين مان هڪ رهي آهي.هو پارٽي کي ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جي بعد هڪ نئين شڪل ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي جنهن ۾ هو مٿانهين درجي جي سياستدانن يا اڳواڻن جي لائين ۾ ڄڻ ته اڄ ڪلھ ٽاپ تي آھي.
مالي وسيلن تي گرفت۔
سياست ۾ مالي وسيلن جو وڏو ڪردار هوندو آهي،۽ آصف زرداري کي ان حوالي سان به هڪ مضبوط شخصيت سمجهيو ويندو آهي.هو نه رڳو معاشي طور تي مستحڪم آهي،پر ڪاروباري اثر رسوخ به رکي ٿو،جيڪو کيس سياست ۾ وڌيڪ طاقتور بڻائي ٿو.
سياسي ۽ عدالتي چئلينج۔زرداري صاحب کي هميشه مخالف ڌرين کان سخت تنقيد جو منهن ڏسڻو پيو آهي.ڪڏهن ڪرپشن جا الزام،ته ڪڏهن عدالتي ڪيس،پر ان باوجود هو سياسي ميدان ۾ پنهنجو اثر برقرار رکڻ ۾ ڪامياب رهيو آهي.
سياست ۾ اصلاحي ضرورتون جي گهر۔
شفافيت:پاڪستان جي سياست ۾ شفافيت جي کوٽ آهي،جيڪا عوام جو اعتماد وڌائي سگهي ٿي.
حقيقي جمهوري نظام:
پارٽين کي فرد واحد جي بدران ادارن طور هئڻ گهرجي،جتي قيادت ميرٽ تي ملي.
نظرياتي سياست:سياست کي ذاتي مفادن بدران نظريي جي بنياد تي هئڻ گهرجي ته جيئن عوام کي فائدو ملي.
احتساب جو مساوي نظام: احتساب جو عمل بنا ڪنهن فرق جي سڀني سياستدانن تي لاڳو ٿيڻ گهرجي ته جيئن رڳو مخصوص فردن کي نشانو نه بڻايو وڃي.
آصف زرداري سياست جو هڪ ڳورو سوار ضرور آهي. پر اهو سوال به اٿڻ گهرجي ته سياست کي صرف شخصيتن تي ڇو ڌيان ڏنو پيو وڃي؟اصل ضرورت سياسي نظام ۾ اهڙين سڌارن جي آهي،جيڪي جمهوريت کي مستحڪم بڻائين.جيڪڏهن سياست کي شفاف، نظرياتي،۽ عوامي مفاد لاءِ بهتر بڻايو وڃي،ته ڪو به فرد سياست ۾ ايترو ڳورو سوار نه ٿيندو،۽ حقيقي جمهوريت کي هٿي ملندي.
انهن سڀني ڳالهين جي باوجود ڪنهن کان برداشت ٿئي يا نه پر هتي اهو لکڻ ۾ڪو هرج ناهي ته آصف علي زرداري بحيثيت سياسي ليڊر ۽ حڪمران طور پاڻ کي لچڪدار ڪردار طور سامهون آڻي پنهنجي هم عصر سياسي ليڊرن ۾ نمايان ۽ مٿانهين سطح جو اڳواڻ ثابت ڪيو آھي.پاڪستان جي تاريخ ۾ پيپلز پارٽي جي موجوده قائد آصف علي زرداري ملڪي صدارت جو ٻيو دفعو اعزاز حاصل ڪيو آھي سو هڪ سندس مٿانهن رب پاڪ جو ڪرم اٿس جو هو مالڪ پاران بخشيل عقل کي وقت سان اسٿعمال ڪندي سياسي ۽ حڪومتي فيصلا ڪري ٿو.عقل هڪ جاء تي ناهي بيهندو هو حالتن سان هيٺ مٿي ٿيندو رهي ٿو پر جي وقت تي بهتر استعمال ٿئي ته اها به عقل سليم جي نشاني آ جيڪا پڻ آصف علي زرداري وٽ مالڪ جي ڏنل آھي.آصف زرداري پيپلز پارٽي جي تاريخ جي ڏاهن اڳواڻماناهم ڏاهو سياسي اڳواڻ ثابت ٿيو آھي.
