لاهور (ويب ڊيسڪ)قومي ڪرڪيٽ ٽيم ۽ پي ايس ايل کان پري رهندڙ ڪرڪيٽر عمر اڪمل جو چوڻ آهي ته هو نٿو چاهي ته سندس پٽ پاڪستان لاءِ ڪرڪيٽ کيڏي.عمر اڪمل تازو ئي هڪ خانگي ٽي وي پروگرام ۾ مهمان طور نظر آيو جتي کانئس پڇيو ويو ته هو ڇو نٿو چاهي ته سندس پٽ ڪرڪيٽر بڻجي.ان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مان هڪ ڳالهه واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته منهنجي پٽ کي ڪرڪيٽ کيڏڻ جو تمام گهڻو شوق آهي پر مان نٿو چاهيان ته هو پاڪستان لاءِ ڪرڪيٽ کيڏي ڇو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجي رانديگرن جو احترام نٿو ڪري. عمر اڪمل چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ مون تي غير ضروري الزام لڳائي منهنجي ڪيريئر جا 7 سال ضايع ڪيا.
