ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي سهراب ڳوٺ واري علائقي ۾ سپر مارڪيٽ جي ويجهو هڪ گهر ۾ فائرنگ جو واقعو پيش آيو آهي.اڻڄاتل ماڻهو گهر ۾ داخل ٿيا ۽ فائرنگ ڪري مڙس ۽ زال کي قتل ڪري ڇڏيو.پوليس فائرنگ جي واقعي کي ذاتي دشمني جو نتيجو قرار ڏنو آهي.پوليس فوتين جي لاشن کي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي.
