شبلي فراز، سلمان اڪرم ۽ لطيف کوسا جي عبوري ضمانت ۾ واڌ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت سپريم ڪورٽ ٻاهران احتجاج ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن شبلي فراز، سلمان اڪرم راجا ۽ لطيف کوسا جي عبوري ضمانت ۾ 5 مئي تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. اسلام آباد جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ سپريم ڪورٽ ٻاهران احتجاج ڪرڻ تي پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.جج ابو الحسنات ذوالقرنين ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران لطيف کوسا، شبلي فراز ۽ سلمان اڪرم راجا عدالت ۾ پيش ٿيا.

پهنجو تبصرو موڪليو