جعفر ايڪسپريس ۾ ڇا ٿيو؟ مسافرن جو اکين ڏٺو احوال

مچ (ويب ڊيسڪ)متاثره ريل گاڏي جي آزاد ٿي آيل مسافرن جا بي بي سي اردو سروس انتروي ڪيا آهن، جن اکين ڏٺو احوال هن طرح ٻڌايو. مشتاق محمد، جيڪو جعفر ايڪسپريس جي بوگي نمبر 3 ۾ هو، هن چيو ته حملو هڪ وڏي ڌماڪي سان شروع ٿيو. ساڳئي ٽرين جي بوگي نمبر 7 ۾ سوار اسحاق نور پنهنجي زال ۽ ٻن ٻارن سميت ڪوئيٽا کان راولپنڊي وڃي رهيو هو. تنهن ٻڌايو ته ڌماڪو ايترو ته زوردار هو جو ٽرين جون دريون ۽ دروازا لڏي ويا ۽ منهنجو هڪ ٻار، جيڪو منهنجي ڀرسان ويٺو هو، هيٺ ڪري پيو. مشتاق محمد موجب ان کانپوءِ فائرنگ شروع ٿي وئي. فائرنگ هڪ ڪلاڪ تائين جاري رهي. ان فائرنگ دوران اهڙو منظر پيش آيو، جيڪو ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي. ٻئي طرف ڪوچ تي فائرنگ ۽ گوليون لڳندي ڏسي اسحاق نور پنهنجي هڪ ٻار کي کنيو ۽ سندس زال پنهنجي ٻئي ٻار کي هيٺ ڪري ڇڏيو ته ”جيڪڏهن گولي لڳندي ته اسان کي لڳي ٻار بچي سگهن. اسحاق موجب، فائرنگ 50 منٽن تائين جاري رهي. حالت اها هئي جو ساهه به آهستي پيا کڻون. فائرنگ بند ٿيڻ بعد هٿياربند بوگين ۾ داخل ٿيا ۽ ڪجهه ماڻهن جا شناختي ڪارڊ ڏسڻ لڳا ۽ ڪجهه ماڻهن کي ڌار ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته هي سيڪورٽي ايجنسين وارا آهن. ٽي ويڙهاڪ اسان جي بوگي جي دروازن جي حفاظت ڪري رهيا هئا. هنن عوام کي چيو ته هو شهرين، عورتن، بزرگن ۽ بلوچ ماڻهن کي ڪجهه به نه چوندا ۽ کين ڇڏيو ويندو. مشتاق محمد اهو به چيو ته حملو ڪندڙ پاڻ ۾ بلوچي ۾ ڳالهائي رهيا هئا ۽ سندن اڳواڻ کين بار بار چئي رهيو هو ته سيڪيورٽي اهلڪارن تي خاص نظر رکو، اهي هٿ مان نڪري نه وڃن. اسحاق نور جو چوڻ آهي ته ”منهنجو خيال آهي ته هنن اسان جي بوگي مان گهٽ ۾ گهٽ 11 مسافرن کي هيٺ لاٿو ۽ چيو ته اهي سيڪيورٽي اهلڪار آهن. هن چيو ته ان موقعي تي هڪ شخص مزاحمت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان تي تشدد ڪيو ويو ۽ گوليون هلڻ جو به آواز آيو. ان کان پوءِ بوگي ۾ ويٺل سڀ ماڻهو سندن هدايتن تي عمل ڪندا رهيا. هنن مون کي وڃڻ نه پئي ڏنو، پر جڏهن مون کين ٻڌايو ته مان تربت جو رهواسي آهيان ۽ مون سان گڏ ٻار ۽ عورتون به آهن ته هنن مون کي به وڃڻ ڏنو. محمد اشرف موجب شدت پسندن بزرگن، شهرين، عورتن ۽ ٻارن کي وڃڻ ڏنو ۽ پوءِ شام جو پنير اسٽيشن ڏانهن ڊگهو پنڌ شروع ڪيو. اسان وڏي مشڪل سان ٽن کان ساڍن ڪلاڪن ۾ پنير اسٽيشن تي پهتاسين، ڇاڪاڻ ته اسان ٿڪل هئاسين ۽ اسان سان گڏ ٻار، نوجوان ڇوڪريون ۽ عورتون به هيون. گهڻا ماڻهو پنهنجو سامان ڇڏي آيا هئا، جڏهن ته ڪي پنهنجو سامان پاڻ سان کڻي رهيا هئا. ڪجهه ضعيف ماڻهو به هئا جن کي اسان ڪلهن تي کڻي پيا هلون. محمد اشرف موجب هن جي اندزي موجب 200 کان اڍائي سو ماڻهن کي هٿياربند پاڻ سان گڏ وٺي ويا، هٿياربندن جو تعداد 100 کان مٿي لڳي رهيو هو. بهاولپور ويندڙ مسافر بشير پنهنجي زال ۽ ٻن ٻارن سميت سفر ڪري رهيو هو. ”هٿياربند آيا ۽ اسان کي هيٺ لهڻ لاءِ چيو،“ انهن مون کي يا منهنجي ٻارن کي نه روڪيو. هٿياربندن اسان کي چيو ته پوئتي نه ڏسو. ان کان پوءِ ڏکين رستن ذريعي پنير ريلوي اسٽيشن تي پهتاسين.

پهنجو تبصرو موڪليو