لانس ڊوم جي شرجيل ميمڻ سان ملاقات،گڏيل سهڪار تي ڳالهيون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ مقرر برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر لانس ڊوم سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران سنڌ حڪومت جي اقتصادي منصوبن، ملڪ جي سياسي حالتن، ۽ ٻين اهم معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ان کان علاوه، سنڌ ۾ جاري ترقياتي ڪمن، عوامي ڀلائي جي تجويز ڪيل منصوبن، ۽ برطانيا سان سهڪار جي واڌاري تي به ڳالهايو ويو. برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر لانس ڊوم سان ڳالهائيندي، سنڌ جي سينيئر وزير ۽ صوبائي وزير براءِ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ، شرجيل انعام ميمڻ چيو ته صوبي ۾ صحت، هائوسنگ، تعليم، توانائي ۽ ٽرانسپورٽ جي شعبن ۾ وڏي پئماني تي ڪم ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته سنڌ حڪومت عوام کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ لاڳيتو قدم کڻي رهي آهي. پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو سنڌ حڪومت ماحول دوست ۽ جديد سفري سهولت طور اي وي بسن جو آغاز ڪيو، جيڪي نه رڳو ماحول دوست آهن پر شهرين کي جديد سفري سهولتون به فراهم ڪري رهيون آهن. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ٻڌايو ته عورتن لاءِ اليڪٽرڪ بائيڪ جو منصوبو به منظور ڪيو ويو آهي، جنهن تحت ملازمت پيشه عورتن ۽ شاگردياڻين کي مفت اي وي بائيڪ ڏني ويندي. هن برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر جي ذريعي برطانوي سيڙپڪارن کي سنڌ ۾ سيڙپڪاري لاءِ همٿايو ۽ چيو ته سنڌ جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا بي شمار موقعا موجود آهن، اسان چاهيون ٿا ته برطانوي سيڙپڪار سنڌ ۾ سيڙپڪاري ڪن. سينيئر وزير وڌيڪ چيو ته صحت جي شعبي ۾ به سنڌ ۾ شاندار ڪم ٿي رهيو آهي، اين آءِ سي وي ڊي (NICVD) ۽ سائيبر نائيف جهڙا جديد طبي مرڪز عالمي معيار جون سهولتون فراهم ڪري رهيا آهن. هن برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ دنيا جي سڀ کان وڏي هائوسنگ منصوبي بابت به آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته سنڌ ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو هائوسنگ منصوبو جاري آهي، جنهن تحت 21 لک گهر ٻوڏ متاثرن لاءِ تعمير ڪيا پيا وڃن، ان جو مقصد قدرتي آفتن کان متاثر ماڻهن کي محفوظ رهائش فراهم ڪرڻ ۽ انهن جون زندگيون ٻيهر مستحڪم ڪرڻ آهي. برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر لانس ڊوم سنڌ حڪومت جي ڪوششن ۽ ترقياتي منصوبن جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته صوبي ۾ عوامي ڀلائي لاءِ جيڪي قدم کنيا پيا وڃن، اهي ساراهه جوڳا آهن. مستقبل ۾ مختلف شعبن ۾ شراڪتداري کي وڌيڪ هٿي ڏني ويندي. ملاقات ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن به موجود هو. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ معزز مهمانن کي سنڌي لنگي ۽ ٽوپي جا تحفا پڻ پيش ڪيا.

پهنجو تبصرو موڪليو