اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فيڊرل جڊيشل اڪيڊمي جي چيئرمين ۽ چيف جسٽس پاڪستان يحيٰ آفريدي پنجاب سان واسطو رکندڙ پنجن جڊيشل آفيسرن جون خدمتون واپس لاهور هاءِ ڪورٽ حوالي ڪري ڇڏيون.فيڊرل جڊيشل اڪيڊمي ۾ ڊيپيوٽيشن تي مقرر پنجن ڊائريڪٽرز کي واپس لاهور هاءِ ڪورٽ موڪليو ويو ۽ ان بابت باظابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. ڄاڻايل آفيسرن ۾ سيشن جج جزيلا اسلم، ايڊيشنل سيشن جج عامر منير، ڊاڪٽر راءِ محمد خان، راجا جهانزيب اختر ۽ سول جج شازيه منور مخدوم شامل آهن. جڊيشل آفيسرن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو مقرر وقت اندر لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ رپورٽ ڪن. ذريعن موجب، جسٽس منصور علي شاهه جڏهن فيڊرل جڊيشل اڪيڊمي جو انچارج هو، تڏهن انهن آفيسرن کي ڊيپيوٽيشن تي مقرر ڪيو ويو هو، جڏهن ته هاڻ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب کي فيڊرل جڊيشل اڪيڊمي جو نئون انچارج مقرر ڪيو ويو آهي.
