وفاقي صحت واري وزير جو صوبائي وزيرن سان رابطو، گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي صحت واري وزير مصطفيٰ ڪمال پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان جي صحت جي وزيرن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو آهي. وفاقي وزير ۽ صوبائي وزيرن جي وچ ۾ صحت جي شعبي ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ٿيو آهي.مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته اسان کي سڄي ملڪ ۾ صحت جي شعبي کي بهتر بڻائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. انهن جو چوڻ آهي ته گڏجي ڪم ڪرڻ سان صحت جي شعبي ۾ درپيش چئلينجن ۽ مشڪلاتن کي گهٽائڻ ۾ مدد ملندي. صوبائي صحت جي وزيرن جو چوڻ آهي ته گڏيل ڪوششن سان صحت جي شعبي ۾ اهم بهتري اچي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو