سواتي جي 15 اپريل تائين حفاظتي ضمانت منظور، گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم

پشاور (ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتي کي 15 اپريل تائين حفاظتي ضمانت ملي وئي. پشاور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ کي داخل ڪيسن ۾ گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جسٽس صاحبزاده اسد الله ۽ جسٽس اورنگزيب اعظم سواتي جي پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيسن جي تفصيل لاءِ درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران اسسٽنٽ اٽارني جنرل چيو ته درخواستگذار کي تفصيل اڳ ۾ فراهم ڪيا ويا آهن.جسٽس صاحبزاده اسدالله اسسٽنٽ اٽارني جنرل کان پڇيو ته ڇا توهان هاڻي تفصيل فراهم نه ڪندا؟ اسسٽنٽ اٽارني جنرل چيو ته اسان تفصيل فراهم ڪنداسين، پر اسان اهي اڳ به فراهم ڪيا هئا، ۽ هاڻي اهي واپس اچي ويا آهن. جسٽس صاحبزاده اسد الله پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته اسان توهان کي نوٽيس ڏنو هو، توهان کي اڄ رپورٽ جمع ڪرائڻ گهرجي ها، اسان توهان کي وقت ڏئي رهيا آهيون، ايندڙ ٻڌڻي تي انهن خلاف ڪيسن جي رپورٽ جمع ڪرايو. پشاور هاءِ ڪورٽ درخواست جي ٻڌڻي 15 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو