خيرپور:(ن س) سنڌو درياهه مان نوان ڪينال ڪڍڻ واري عمل خلاف مهراڻ يونيورسٽي ۽ بينظير ڀٽو شهيد يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي جي شاگردن احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي شاگردن چيو ته سنڌو درياهه مان نوان ڪينال ڪڍڻ سنڌ سان زيادتي آهي سنڌ اڳ ئي سڪي رهي آهي رهندو وفاق ڪينال ڪڍي سنڌ کي سڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي مهراڻ يونيورسٽي، بينظير ڀٽو شهيد يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي جي شاگردن، زين بروهي آصف شر، عرفان ڏاهاڻي، شيخ بلال، مدد چانگ ۽ ٻين شاگردن يونيورسٽيز کان وٺي پريس ڪلب خيرپور تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ان موقعي تي شاگردن چيو ته اسان سنڌو درياهه مان نوان ڪينال ڪڍڻ واري منصوبي کي مڪمل طور تي رد ڪريون ٿاهنن چيو ته سنڌو درياهه مان نوان ڪينال ڪڍڻ سان سنڌ جي زراعت مڪمل طور تباھ ٿي ويندي اڳ ئي وفاق طرفان سنڌ کي پنهنجا حق نه پيا ڏنا وڃن. شاگردن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن سنڌو درياءَ تي ڪئنال ٺاهڻ واري رٿا جو ڪم بند نه ڪيو ويو ته پنجاب جا روڊ رستا بند ڪري احتجاج ڪيو ويندو.
