ڪراچي کان لاهور ايندڙ پي آءِ اي جي جهاز جو هڪ ٽائر گم

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڪراچي کان لاهور ايندڙ پي آءِ اي جي جهاز جو هڪ ٽائر گم ٿي ويو. ذريعن موجب،اهڙو انڪشاف جهاز جي لاهور پهچڻ کانپوءِ ٿيو.ذريعن جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل جهاز دبئي لاءِ روانو ٿيڻ وارو هو، پر اُڏام چار ڪلاڪ دير جو شڪار ٿي. ذريعن موجب، جهاز هڪ بيڪ ويل تي لينڊنگ ڪئي، جڏهن ته جاچ دوران ڪراچي ايئرپورٽ جي رن وي تان ڪجهه نٽ بولٽ پڻ مليا. ترجمان موجب، پي ڪي 306 اُڏام لاهور ايئرپورٽ تي محفوظ لينڊنگ ڪئي، جڏهن ته پي آءِ اي اختيارين واقعي جي جاچ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو