ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) ميئر ڪراچي، بيرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته جعفر ايڪسپريس سانحو جيتري به مذمت ڪئي وڃي، اها گهٽ آهي. پوري قوم اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته اها پنهنجي بهادر مسلح فوج سان گڏ بيٺل آهي. هن اهي خيال بلديه عظميٰ ڪراچي جي طرفان منعقد ڪيل تعزيتي اجلاس ۾ خطاب ڪندي ظاهر ڪيا. ان موقعي تي پارلياماني ليڊر ڪرم الله وقاصي، ڊپٽي پارلياماني ليڊر دل محمد، ميونسپل ڪمشنر افضل زيدي، چونڊيل بلدياتي نمائندا، آفيسر، ۽ ملازم وڏي انگ ۾ موجود هئا.ميئر ڪراچي، بيرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته هن شرمناڪ واقعي جي مذمت لاءِ مون وٽ لفظ نه آهن. هن زور ڏنو ته زنده قومون پنهنجي اتحاد، يڪجهتي، ڀائپي، ۽ مساوات ذريعي ثابت ڪن ٿيون ته اهي دهشتگردي خلاف آهن ۽ اهڙين حالتن ۾ فولادي ديوار وانگر بيهن ٿيون.هن وڌيڪ چيو ته جعفر ايڪسپريس سانحي ۾ بيگناهه ماڻهن کي زخمي ڪرڻ انتهائي مذمت جوڳو عمل آهي. هن سيڪيورٽي ادارن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته انهن جنهن بهادري ۽ جرئت سان دهشتگردن جو مقابلو ڪيو ۽ انهن کي انجام تائين پهچايو، اهو ساراهه جوڳو آهي.ميئر ڪراچي يقين ڏياريو ته بلديه عظميٰ ڪراچي، سڀني بلدياتي ادارن ۽ چونڊيل نمائندن جي طرفان، انهن خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪري ٿي، جن جا فرد زخمي ٿيا آهن. هن زور ڏنو ته هر ماڻهو کي اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ۽ قوم کي اهو ثابت ڪرڻو پوندو ته ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ دهشتگردي برداشت نه ڪئي ويندي.پوري قوم دهشتگردي جي ناسور کي ختم ڪرڻ لاءِ متحد آهي. آخر ۾، ميئر ڪراچي پاڪستان زنده باد جا زوردار نعرا لڳايا ۽ شهيد ٿيل ماڻهن لاءِ دعاءِ مغفرت ۽ زخمي ٿيل مسافرن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.
