اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) نيٽ ميٽرنگ تحت سولر واهپيدارن کان خريد ٿيندڙ بجلي جي قيمت گهٽائي ڇڏي. هاڻي نون سولر واهپيدارن کان بجلي 27 رپين بدران 10 رپيا في يونٽ جي حساب سان ورتي ويندي، جڏهن ته هي فيصلو اڳواٽ موجود واهپيدارن تي لاڳو نه ٿيندو. ناڻي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب، هي قدم مارڪيٽ جي حالتن کي نظر ۾ رکندي کنيو ويو آهي. اي سي سي موجب نوان سولر پينل لڳائيندڙ واهپيدار نيشنل گرڊ مان بجلي آف پيڪ ريٽ تي حاصل ڪري سگهندا. ڪميٽي جو چوڻ آهي ته سولر بجلي سبب گرڊ مان بجلي وٺندڙن لاءِ بجلي سستي ڪرڻ جون ڪوششون متاثر ٿيون. رپورٽ موجب، سولر پينل استعمال ڪندڙن مان 80 سيڪڙو جو واسطو 9 وڏن شهرن سان آهي. اي سي سي کي ڏنل بريفنگ موجب، ڊسمبر 2024 تائين سولر واهپيدارن جي سبب گرڊ واهپيدارن تي 159 ارب رپين جو واڌو بار پيو، جڏهن ته ڊسمبر 2034 تائين اهو بار 4 هزار 240 ارب رپين تائين پهچي سگهي ٿو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڊسمبر 2024 ۾ سولر واهپيدارن جو انگ 2 لک 83 هزار ٿي ويو، جيڪو آڪٽوبر 2024 ۾ 2 لک 26 هزار 440 هو. ان کانسواءِ ڊسمبر 2024 ۾ سولر ذريعي پيدا ٿيندڙ بجلي 4 هزار 321 ميگاواٽ ٿي وئي، جيڪا 2021 ۾ رڳو 321 ميگاواٽ هئي.
