جعفر ايڪسپريس جا لاپتا 80 مسافر ڪٿي آهن؟

ڪراچي(خصوصي رپورٽ) جعفر ايڪسپريس تي حملي بعد سرڪاري طور تي جاري ڪيل انگن اکرن مان هاڻي اهو صاف ظاهر آهي ته 80 مسافر اڃا لاپتا ۽ گم آهن. اکين ڏٺن شاهدن جي بيانن ۾ اهو واضح ٻڌايو ويو هو ته هٿياربند حملي آور ڪيترن ئي مسافرن جون ٻانهون ٻڌي کين نامعلوم جاءِ ڏانهن اغوا ڪري ويا هئا. سوشل ميڊيا تي هڪ ويڊيو به وائرل آهي، جنهن ڏسي سگهجي ٿو ته پهاڙي علائقي ۾ هڪ ڏکئي رستي تي هڪ قطار ۾ درجنين ماڻهن جي پويان هٿيار بند هلي رهيا آهن. جنهن مان لڳي ٿو ته اهي اڃا حملي آورن جي قبضي ۾ آهن. گذريل ڏينهن 30 ڪلڪن جي لڳاتار آپريشن بعد فوجي ترجمان دنيا نيوز سان ڳالهائيندي آپريشن ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ ٻڌايو هو ته جاءِ واردات تي موجود 33 دهشتگرد مارجي ويا آهن. ترجمان ٻڌايو هو ته ريل گاڏي ۾ 440 مسافر سوار هئا، جن مان 21 مسافرن کي آپريشن شروع ٿيڻ کان اڳ ئي شهيد ڪيو ويو هو ۽ 4 فرنٽيئر ڪور جا اهلڪار شهيد ٿيا هئا. فوجي ترجمان چيو هو ته سڀئي يرغمالي آزاد ڪرايا ويا آهن. خميس تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪوئٽا جو هنگامي دورو ڪيو، انتظامي ۽ سيڪورٽي جي اعليٰ عملدارن ۽ سياسي قيادت سان ملاقاتون ڪيون. جنهن بعد ڪيل پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته سيڪورٽي فورسز 339 يرغمالين کي آزاد ڪرايو آهي. جيڪڏهن شهيد ڪيل 21 اهلڪارن کي ان م شامل ڪيو وڃي ته به 80 مسافر لاپتا آهن. بي بي سي جي هڪ رپورٽ موجب 100 جي لڳ بڳ سيڪورٽي فورسز جا اهلڪار ريل ۾ سفر ڪري رهيا هئا. ان سڄي صورتحال ۾اهم سوال هي آهي ته ڇا لاپتا 80 مسافر ڪٿي سيڪورٽي فورسز جا اهلڪار ته نه آهن؟

پهنجو تبصرو موڪليو