ٿر ڪول بجلي، سي او ڊي اسٽيج جي ٽيرف تي عوامي ٻڌڻي مڪمل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ٿر ڪول اينڊ انرجي بورڊ (TCEB) ڪاميابي سان گڏ عوامي ٻڌڻي منعقد ڪئي، جتي سِينو سنڌ ريسورسز پرائيويٽ لميٽيڊ (SSRL) طرفان ڪمرشل آپريشنز ڊيٽ (COD) اسٽيج ٽيرف جي تعين بابت درخواست تي غور ڪيو ويو. اها ٻڌڻي ڪراچي جي هڪ مقامي هوٽل ۾ ٿي، جتي مختلف اسٽيڪ هولڊرز، ماهرن ۽ عوام شرڪت ڪئي. ٻڌڻي جي صدارت ٽي سي اي بي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر طارق علي شاهه ڪئي، جڏهن ته ميمبر فنانس/پاور عمار حبيب خان ۽ ميمبر مائننگ ڊاڪٽر فهد عرفان صديقي به موجود هئا. SSRL جي سي اي او مسٽر لي جيگن منصوبي جي تفصيل پيش ڪئي. پنهنجي پريزنٽيشن دوران، مسٽر لي جيگن منصوبن جون خاصيتون ۽ ڪاميابين تي روشني وڌي. هن ٻڌايو ته اهو منصوبو سنڌ جي ڏکڻ اوڀر واري حصي ۾ موجود آهي ۽ ان ۾ x6602 ميگاواٽ جا سپر ڪريٽيڪل ڪول فائرڊ پاور جنريشن يونٽس شامل آهن، جيڪي سالانه 7.8 ملين ٽن لگنائيٽ اوپن پٽ ڪول مائن تي مشتمل آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته منصوبي تحت ٿر بلاڪ-1 ۾ 150 چورس ڪلوميٽر ۾ پکڙيل ڪوئلي جي کاڻ مان 2.6 بلين ٽن جا ذخيرا حاصل ڪري سگھجن ٿا. ان کان علاوه منصوبي کي نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني (NTDC) جي نظام سان ڳنڍيل آهي، جيڪو ان کي ٻين توانائي ذريعن جي ڀيٽ ۾ لاڳت ۾ وڌيڪ اثرائتو بڻائي ٿو. ان موقعي تي ٻڌايو ويو ته هن منصوبي مان پيدا ٿيندڙ بجلي جي في يونٽ قيمت 5.52 رپيا (0.02 آمريڪي ڊالر) في ڪلوواٽ آور هوندي، جيڪا هائيڊرو ذريعن کان به گهٽ آهي. هي منصوبو بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو تحت چين-پاڪستان اقتصادي راهداري (CPEC) جو حصو آهي، جيڪو شنگھائي اليڪٽرڪ جي ذريعي بلڊ اون آپريٽ (BOO) ماڊل تي ڪم ڪري رهيو آهي. ان منصوبي ۾ لڳ ڀڳ 3 بلين آمريڪي ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي وئي آهي، جيڪا ڪنهن به ملڪ ۾ چين جي سڀ کان وڏي سيڙپڪاري آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو