بيجنگ(ويب ڊيسڪ) چين ڇکڻ آفريڪا سان سيٽلائيٽ ڪميونيڪيشن جو ’هيڪنگ فري‘ نظام قائم ڪري ورتو آهي. جيڪو دنيا ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون هيڪنگ فري ’الٽرا سيڪيور ڪميونيڪشن سيسٽم‘ آهي. اهو اعلان رٿا سان لاڳاپيل هڪ سينئر سائنسدان يين جوان، جيڪو نيشنل پيپلز ڪانگريس (NPC) جو نائب ۽ چائنا يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ تجرباتي فزڪس جو پروفيسر آهي، هن هفتي بيجنگ ۾ NPC جي سالياني اجلاس دوران ڪيو. يين چيو ته پهريون ڪوانٽم مظاهرو، جيڪو 12,800 ڪلوميٽر (7,954 ميلن) جي مفاصلي تي بيجنگ کان ڏکڻ آفريڪا جي وچ ۾ چين جي ڪوانٽم ڪميونيڪيشن سيٽلائيٽس جي مدد سان ممڪن بڻايو ويو. يين، جيڪو دنيا جي پهرين ڪوانٽم ڪميونيڪيشن سيٽلائيٽ “موزي” (Micius) جو چيف لوڊ ڊيزائنر به رهيو، وضاحت ڪئي ته 2016 ۾ لانچ ٿيل هن سيٽلائيٽ ذريعي ڊگهي فاصلي جي ڪوانٽم ٽرانسميشن جو بنياد رکيو ويو هو.
