هر مسئلو ڳالهين ذريعي حل ٿيندو: اياز صادق

اسلام آباد (بيورو رپورٽ )قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق چيو آهي ته هر شيءِ ڳالهين ذريعي حل ٿي سگهي ٿي.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اياز صادق چيو ته مان پارليامينٽ کي ضابطن موجب هلائيندس، ۽ پارليامينٽ کي قانون موجب هلائڻ جي ڪوشش ڪندس.اياز صادق چيو ته مان مخالف ڌر جي اڳواڻ کي ڳالهائڻ جو ايترو موقعو ڏيان ٿو، هو مون تي تنقيد ڪندو آهي. مخالف ڌر جي اڳواڻ کي ماڻهن ۽ انهن جي مسئلن جي ڪا به پرواهه ناهي، هو صرف احتجاج کان پوءِ واڪ آئوٽ ڪري ويندو آهي.هن چيو ته فيصلا ڳالهين دوران ڪيا ويندا آهن، ۽ شرطون لاڳو نه ڪيون وينديون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو