اسلام آباد (بيورو رپورٽ)بين الاقوامي مالي فنڊ (آءِ ايم ايف) زرعي آمدني تي ٽيڪس گڏ ڪرڻ جي قانون سازي تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي ۽ پرچون، ٿوڪ ۽ ريئل اسٽيٽ سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ ٽيڪس گڏ ڪرڻ کي بهتر بڻائڻ تي زور ڏنو آهي.قرض جي ايندڙ قسط لاءِ پاڪستان ۽ بين الاقوامي مالياتي فنڊ جي وچ ۾ ڳالهين جو اڄ آخري ڏينهن آهي.آءِ ايم ايف وفد جي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب سان الوداعي ملاقات جاري آهي. ناڻي واري وزير گذريل رات وفد لاءِ الوداعي افطار ڊنر پڻ ڏنو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني عملدارن کي اميد آهي ته مشن ٽن شعبن ۾ تحفظات جي باوجود قرض جي سفارش ڪندو.ذريعن موجب ايف بي آر ريئل اسٽيٽ ۽ پراپرٽي سيڪٽرز لاءِ ٽيڪس جي شرح ۾ گهٽتائي جي تجويز ڏني آهي.ايف بي آر واپارين جي رجسٽريشن جي مهم جاري رکڻ جي تحريري يقين ڏياريو آهي، ته جيئن ٽيڪس جي شرح گهٽائي پاڪستاني سرمائي کي ٻاهرين ملڪ منتقل ٿيڻ کان روڪي سگهجي. آءِ ايم ايف مشن اڄ روانو ٿيندو، وڌيڪ ڳالهين لاءِ آن لائن رابطو برقرار رکيو ويندو، ۽ بين الاقوامي مالياتي فنڊ ڳالهين جي نتيجي تي هڪ بيان جاري ڪندو.
