سنڌ سميت سموري دنيا ۾ اڄ هوليءَ جو ڏڻ ملهايو پيو وڃي

ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) سنڌ سميت سموري دنيا ۾ هندو برادري هوليءَ جو ڏڻ ملهائي رهي آهي، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ هوليءَ جون تقريبون ڪوٺائي هڪ ٻئي تي رنگن جي برسات ڪري مختلف گيتن تي رقص ڪيو پيو وڃي، ان موقعي تي شام جو هولي جو مچ ٻاري خوشحالي ۽ سلامتي لاءِ دعائون گهريون وينديون. سنڌ جي ٻين شهرن جيان مٺي ۾ هندو برادري پاران هولي جو ڏڻ ملهايو پيو وڃي. هندو برادري پاران شام جو پلي جي رسم ڪرشنا مندر کان نڪرندي. هولي پلي جي رسم شهر جي مختلف هنڌن کان ٿيندي هولي ٿلي تي پهچندي جڏهن ته پلي جي رسم جي آجيان بجير پاڙي ۾ ڪئي ويندي. رسم جي شروعات مکيه ڏڻ واري ڏينهن کان هڪ ڏينهن اڳ ٿيندي آهي.شرڪت ڪندڙ بهار جي آمد جو جشن ملهائڻ لاءِ هڪ ٻئي تي رنگين پاڻي ۽ پائوڊر اڇليندا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو