پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي مالي صلاحڪار مزمل اسلم چيو آهي ته خيبرپختونخواهه جي سڀني سرڪاري ملازمن کي پگهارن جي ادائيگي 20 مارچ کان شروع ٿيندي.مزمل اسلم چيو آهي ته ڪي پي جي وڏي وزير سڀني ڪاروباري ماڻهن کي به درخواست ڪئي آهي ته اهي پنهنجن ملازمن کي اڳواٽ پگهارون ڏين.مزمل اسلم جو چوڻ آهي ته اڳواٽ پگهارون ڏيڻ سان ملازمن کي وقت تي عيد الفطر جي تياري ۾ مدد ملندي.
